”صوبن وٽ گهٽ وسيلا ناهن، آئيني ترميم سان دستور مضبوط ٿيندو “

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته صوبن ۽ وفاق وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جو مسئلو آهي پر اسان اهو نٿا چئون ته صوبن کي جيڪو ڏئي چڪا آهيون اهو واپس ورتو وڃي.
نجي ٽي وي چينل سان گفتگو ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته صوبن ۽ وفاق وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جي معاملي تي گهڻي عرصي کان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، صوبن وٽ وسيلا ضرورت کان وڌيڪ ناهن ته گهٽ به ناهن پر وفاق سخت مالي ڏکيائين کي منهن ڏيندو آهي.
هن چيو ته 27هين آئيني ترميم اچي رهي آهي، اسان پ پ کان حمايت گهري آهي، جنهن تي هنن سي اي سي اجلاس گهرايو آهي، فيصلي کانپوءِ اسان کي آگاهه ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته آئيني ترميم سان ملڪ جو آئين مضبوط ٿيندو، 15 ورهيه اڳ ميثاق جمهوريت ۾ اها ڳالهه طئي ٿي هئي ته آئيني عدالتون ٺاهيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.