ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فنڪارن، ظهران ممداني کي نيويارڪ جو ميئر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون ويون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فلمساز هنسل مهتا ۽ زويا اختر، ظهران ممداني کي ميئر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.
ظهران جي ماءُ ناليواري هدايتڪار ميرا نائر، زويا اختر جي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي رڳو سياسي فتح نه آهي، پر هڪ اخلاقي سوڀ پڻ آهي، ظهران جي ڪاميابي اِهو ياد ڏياري ٿي همدردي، انصاف ۽ برابري اڃا به معنيٰ رکن ٿا.“
اداڪارا شبانه اعظمي سوشل ميڊيا تي لکيو ته ”مان ڏاڍي خوش آهيان، رڳو انڪري نه جو ظهران، ميرا ۽ محمود جو پٽ آهي، پر انڪري به جو هو اميد، انصاف ۽ خود اراديت جي علامت آهي.“
آمريڪا جي اهم ترين شهرن منجهان هڪ نيويارڪ جو ميئر چونڊجندڙ ظهران ممداني، شهر جو پهريون مسلم ۽ ننڍي عمر وارو ميئر آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 34 ورهين جي ظهران ممداني، غير سرڪاري نتيجن موجب 49.6 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته سندس مخالف اڳوڻي گورنر اينڊريو ڪوومو کي 41.6 سيڪڙو ووٽ مليا.
واضح رهي ظهران ممداني مشهور فلمساز ميرا نائر ۽ تعليمي ماهر پروفيسر محمود ممداني جو پٽ آهي.
هو 2018ع ۾ ڪوئينز مان رياستي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو، کيس پناهگيرن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن جو حامي سمجهيو ويندو آهي.
You might also like