اي ٽي سي طرفان غني امان ۽ سرمد ميراڻي جو جڊيشل رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙعدالت جي انتظامي جج عدالت ۾ سي ٽي ڊي پاران امان غني چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي پيش ڪيو ويو، عدالت ٻنهي نوجوانن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ان کان اڳ سنڌهاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس ظفراحمد راجپوت تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گرفتار غني امانچانڊيو ۽ سرمدميراڻي جي آزادي ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي فيصلي خلاف سي ٽي ڊي جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائي عدالت ٻنهي نوجوانن کي دهشتگردي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي جي دوران قائم مقام پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منتظر مهدي چيو ته  مئجسٽريٽ ضابطي فوجداري جي سيڪشن 63 تحت جوابدارن کي آزاد نٿي ڪري سگهي، عدالت پاران سوال ڪيو ويو ته ڇا مئجسٽريٽ سيڪشن 63 ۾ جوابدارن کي نٿو ڇڏي سگهجي، سرڪاري وڪيل چيو ته نوجوان اسان جي ڪسٽڊي ۾ آهن، سرڪاري وڪيل چيو ته اسان کي معلوم ڪرڻو آهي ته جوابدارن جو لاڳاپو ڪنهن تنظيم سان آهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جوابدار سي ٽي ڊي وٽ آهن ته پوءِ گم ٿيل  ماڻهن وارو معاملو ختم ٿيو. هاڻ صرف اهو ڏسڻو آهي ته مئجسٽريٽ وٽ سيڪشن 63 تحت اختيار هو يا نه، وڪيل عامر نواز وڙائچ ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته مئجسٽريٽ پنهنجي قانوني اختيارن تحت فيصلو جاري ڪيو ۽ لنڪ مئجسٽريٽ ۽ ڊيوٽي مئجسٽريٽ ٻنهي وٽ هڪجهڙا اختيار هوندا آهن.

  1. ڪهڙو ڪم ڪندا آهيو (عدالت) لطيف جو پارکو آهيان

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻڌڻي دوران شاگرد غني امان چانڊيو کان پچاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙو ڪم ڪندا آيوته هن چيو ته مان لطيف جو پارڪو آهيان، نوجوان غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي اي ٽي سي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو، غني امان جي ڀيڻ سنڌو امان، غني جي وني اسما، عنايت چانڊيو، ھما عباسي، ذولفي ميراڻي، شاھجھان ميراڻي، وڪيل ساٿي شمس چانڊيو، پرور آزاد، حسيب جمالي، حق نواز ٽالپر، احمد گبول، ڪاظم مھيسي، رشيد راڄِڙ، عامر وڙائچ، حسيب پنھور، آغا جليل سميت سوين وڪيل موجود ھئا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڪارروائي بابت غني امان چانڊيو عدالت ۾ صحافين کي ٻڌايو ته جج صاحب مون کان پڇا ڪئي ته اوهان ڪهڙو ڪم ڪندا آهيو، مون چيو ته لطيف جو پارکو آهيان ، جج چيو ته شعر پڙهي ٻڌايو ته مون لطيف جو هڪ شعر عدالت کي پڙهي ٻڌايو، هن چيو ته ھي به اسان جي فتح آھي، اسان ھنن ڪوڙن ڪيسن کي به منھن ڏينداسين، حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رهندي، هي ڪوڙا ڪيس آهن، اسان کي اميد آهي ته انصاف ملندو، هن چيو ته نه ڏوهاري آهيون، نه ڪنهن پابندي پيل تنظيم جو حصو آهيان، منهنجو ڪم رڳولطيف جا بيت پڙهڻ ۽ انهن جو پيغام شاگردن تائين پهچائڻ آهي، مون جج صاحب کي هي شعر پڙهي ٻڌايو ته کاھوڙين خفيء سين، سوجهي لڌو سبحان، عاشق اَھڙي اکرين، لنگهيا لا مڪان، ايئن ئي مان لطيف جو عاشق آهيان، اُهو ئي منهنجو ڪم، منهنجو فڪر، منهنجو عشق آهي، آئون نه ڪو دهشتگرد آهيان نه اي ڪنهن پابندي پيل تنظيم جو حصو نه ئي وري ڪنهن اھڙي اداري سان جڙيل آهيان، اسين ته امن جو پيغام ڏيندڙ ۽ انسان سان محبت ڪندڙ آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.