ڪراچي ۾ گهر مان زال ۽ مڙس جا لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلبرگ ۾ هڪ گهر مان مڙس ۽ زال جا لاش مليا، پوليس موجب شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته مڙس زال کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ خودڪشي ڪئي، واقعو مبينا طور تي گھريلو تڪرار سبب پيش آيو آهي، پوليس ٻڌايو ته مڙس مبينا طور زال کي چاقوءَ جا وار ڪري قتل ڪيو، پوءِ ڳچيءَ ۾ ڦاهو ڏئي پاڻ کي لٽڪائي ڇڏيو، واقعي وقت گهر جو مرڪزي دروازو اندر کان بند هو، لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، پوليس جي چوڻ موجبمارجي ويل جوڙو اصل ۾ بهاولپور جا رهواسي هو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

  1. سپريم ڪورٽ ۾ اي سي جي مرمت دوران ڌماڪو، 12 ماڻهو زخمي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي عمارت جي بيسمينٽ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارنڌماڪي جي نوعيت ۽ اثرن جو جائزو ورتو، آءِ جي اسلام آباد موجب ڌماڪو اي سي جي مرمت دوران ٿيو، جنهن ۾ ٽوٽل 12 ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، آءِ جي جي بيان موجب ٽن زخمين کي پمز اسپتال ۽ 9 زخمين کي پولِي ڪلينڪ منتقل ڪيو ويو، جن مان ٻن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي، زخمي ٿيلن ۾ گهڻا اي سي ٽيڪنيشن آهن ۽ هڪ ٽيڪنيشن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو،  ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحييٰ آفريدي طرفان اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.