ڪراچي: حادثي ۾ ميرپورخاص واسي ايف آءِ اي آفيسر فوت

ملير / ميرپورخاص (نمائندن وٽان) ڪراچي روڊ حادثي ۾ ميرپورخاص جو ايف آءِ اي آفيسر ايوب خان آفريدي فوت ٿي ويو، ڪراچي جي ملير ڪينٽ ۾ چيڪ پوسٽ نمبر 6 ويجهو ڊمپر سان ٽڪرائجي موٽرسائيڪل سوار ايوب خان آفريدي ڌڪ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو، ريسڪيو اختيارين موجب، مقتول جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب، ايوب خان هڪ حساس سرڪاري اداري جو آفيسر هو، جيڪو ايئرپورٽ تي ڊيوٽي مڪمل ڪرڻ بعد گهر واپس اچي رهيو هو ته اوچتو حادثو پيش آيو، ذريعن موجب، پوليس ڊمپر ڊرائيور انور خان کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جو لائسنس ٻن هفتن کان مدي خارج ٿيل هو، مقتول ايوب خان آفريدي کي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد ڪراچي مان ميرپورخاص جي اعلائقي باغ بشير آندو ويو، جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مرحوم ايوب خان آفريدي جي جنازي نماز تبليغي مرڪز ميرپورخاص ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي شخصيتن سميت شهر جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعائون گهريون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.