گھوڙاٻاري (رپورٽ:سيد امير شاهه ڀاڏائي) ڳاڙهو ڀرسان ڳوٺ واحد ڏنو منڱڻهار ۾ انسانيت سوز واقعو، 4 سالن جي معصوم نياڻي حريش فاطمه مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻجي وئي. والدين ۽ وارثن صحافين آڏو انصاف لاءِ دانھون ڪندي الزام هنيو آهي ته جوابدار شڪيل منڱڻهار معصوم ٻارڙي کي راند دوران کڻي ويو ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو، نياڻي جي امڙ صائما مڱڻهار ۽ چاچي تاج محمد مڱڻهار ٻڌايو ته معصوم ٻارڙي جيرڙين تي چاچو ڀڄي پهتو ۽ واقعي کي پنهنجي اکين سان ڏٺو، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو، وارثن الزام لڳايو ته جوابدار شڪيل جي پيءُ، ڀائرن ۽ ڳوٺ جي بااثر ماڻهن طرفان کين ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ته جيڪڏهن ڪنهن سان ڳالهه ڪئي ته کين سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. متاثر خاندان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته فوراً ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ معصوم نياڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.