ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) جي حراست ۾ فوت ٿيل نوجوان عرفان جي موت جو ڪيس وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڇهن اهلڪارن خلاف داخل ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب ايف آءِ اي جي ذريعن ٻڌايو ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس اينٽي ڪرپشن سرڪل ۾ ٽارچر اينڊ ڪسٽوڊيل ڊيٿ ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي ذريعن موجب پوليس اهلڪارن نوجوان عرفان کي غير قانوني طور گرفتار ڪيو ۽ حراست دوران هُن مٿان تشدد ڪيو ۽ هو فوت ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته عرفان جي غيرقانوني گرفتاري بابت جاچ جاري آهي، ڪيس ۾ نالي وارن مان اي ايس آءِ عابد شاهه ۽ ڪانسٽيبل آصف کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي چار پوليس اهلڪار مفرور آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، واضح رهي ته 22 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ايس آءِ يو پوليس جي حراست ۾ مبينا طور تي تشدد سبب نوجوان عرفان جان وڃائي ويٺو هو، پوليس سرجن جي شروعاتي رپورٽ موجب عرفان جي جسم تي تشدد جا نشان مليا هئا، ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا جو چوڻ آهي ته ايس آءِ يو جا ٻه اهلڪار گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڪيس کي ارادي قتل واري شق 302 هيٺ تبديل ڪيو ويندو، جيڪڏهن وڌيڪ اهلڪار ملوث ثابت ٿيا ته انهن کي به گرفتار ڪيو ويندو.