لاهور(بيورو) تحریڪ انصاف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا اسپتال ۾ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي عيادت لاءِ پهتو۽ هن سان اهم ملاقات ڪئي۔سياسي حالتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔ ملاقات دوران شوڪت بسرا ۽ ظهير بابر پڻ موجود هئا۔ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن فواد چوڌري، محمود مولوي، عمران اسماعيل ۽ ٻين شاهه محمود قريشي سان اسپتال ۾ ملاقات ڪئي هئي۔ ملاقات کان پوءِ انهن اڳوڻن اڳواڻن موجوده پي ٽي آءِ قيادت تي تنقيد ڪئي ۽ پارٽي چيئرمين جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو هو۔