اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته شيخ وقاص،سلمان اڪرم سميت موجوده قيادت اڄ تائين جيل ناهي وئي،شيخ وقاص ته گرفتاري جي ڊپ کان ٻن سالن کان پشاور ويٺل آهي،ان جي ڪا به حيثيت ناهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ لاءِ تڪليفون ته اسان ڏٺيون،حڪومت ته گهرجي ته جن جون ضمانتون ٺهن ٿيون انهن کي ضمانت ڏئي،اسان چيئرمين سينيٽ،قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن سان ملاقات ڪرڻ چاهيون ٿا، عمران خان رليف ڏيندو ته سياسي ٽيمپريچر گهٽ ٿيندو، اها ڳالهه درست آهي ته اسان عمران خان جي ويجهو رهي لاڳاپيل رهڻ چاهيون ٿا،عمران خان بئريسٽر گوهر،سلمان اڪرم راجا جهڙن اڳواڻن کي ان ڪري رکيو ته پاڻ معاملا ڪنٽرول ڪري،سياسي گرماگرمي گهٽ نه ٿي ته پي ٽي آءِ لانگ مارچ ڪندي،اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيندي جواب ۾ وفاقي حڪومت ڪي پي ۾ گورنر راڄ مڙهي ڇڏيندي،هن چيو ته عمران خان جو مينڊيٽ انهن ماڻهن وٽ آهي جيڪي ٻن سالن کان جيلن ۾ آهن،ملڪ کان ٻاهر ۽ ملڪ ۾ موجود قيادت عمران خان جي نالي تي پئسا ٺاهي رهيا آهن