اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌسماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته اعجاز ملاح نالي هڪ مهاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڀارت جي هڪ ڳجهي ايجنسي پنهنجي لاءِ ڪم ڪرڻ تي راضي ڪيو هو.
اسلام آباد ۾ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌريءَ سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران عطا تارڙ چيو ته ڀارت اعجاز ملاح نالي مُهاڻي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو، جتان کيس دٻاءُ وجهي پنهنجي لاءِ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
عطا تارڙ موجبم مهاڻي اعجاز ملاح کي پاڪستان موڪلي ٽاسڪ ڏنو ويو ته هو پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز (فوج، نيوي ۽ رينجرز) جون ورديون خريد ڪري انهن جي نالن سان رسيدون حاصل ڪري، جڏهن اعجاز ملاح اهي ورديون خريد ڪري رهيو هو ته پاڪستاني ايجنسين سندس نگراني شروع ڪئي.
هن چيو ته اعجاز ملاح وٽان موبائل سمون، پاڪستاني ڪرنسي ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ آيو آهي.
سڌ سماءُ واري وزير چيو ته ڪلڀوشن يادَو کانپوءِ هيءَ ڀارت جي هڪ ٻي ناپاڪ ڪوشش هئي، جنهن کي پاڪستان ناڪام بڻائي ڇڏيو.
عطا تارڙ دعويٰ ڪئي ته ڀارت پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪاميابين ۽ سفارتي سوڀ کان پريشان آهي ۽ آپريشن سندور جي ناڪاميءَ کانپوءِ ڀارت جعلي مهمون شروع ڪيون آهن.
هن چيو ته ڀارت پنهنجي جنگ جي ميدان واري شڪست کي وساري نٿو سگهي ۽ هاڻي ڪِريل حرڪتن تي لهي آيو آهي، ڀارتي ميڊيا ڪوڙو بيانيو پکيڙڻ ۾ رڌل آهي ته جيئن پاڪستان کي بدنام ڪري سگهجي.
پريس ڪانفرنس دوران اعجاز ملاح جو هڪ اعترافي بيان پڻ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ڪيئن ڀارتي ايجنسين کيس سمنڊ مان گرفتار ڪيو ۽ چيو ته ”جيڪڏهن اسان لاءِ ڪندين نه ڪندين جيل ۾ رهندين.“
اعجاز ملاح چيو ته ” اسان مڇي مارڻ وياسين ته ڀارت اسان کي پڪڙي ورتو، هنن چيو ته فوج، نيوي ۽ رينجرز جون ورديون وٺڻيون آهن، زونگ سم، پاڪستاني سگريٽ ۽ ڪرنسي آڻڻي آهي.“
اعجاز ملاح پنهنجي بيان ۾ چيو ته انهن هدايتن کانپوءِ ڀارتي ڳجهي ايجنسي مون کي آزاد ڪري ڇڏيو. “ مون ڳجهي ايجنسي جي آفيسر کي ڪجهه تصويرون موڪليون ۽ جڏهن ٻيهر سمنڊ ۾ ويس ته پاڪستاني ايجنسي مون کي گرفتار ڪري ورتو.“
You might also like