اسلام آباد/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين جي نيڪاليءَ لاءِ طورخم سرحد کي جزوي طور تي کوليو ويو آهي.
اختيارين موجب پاڪ–افغان سرحدي گزرگاهه طورخم کي 20 ڏينهن پوءِ جزوي طور کوليو ويو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ رهندڙ غير قانوني افغان شهرين جي واپسي جو عمل جاري رهي سگهي.
خيبر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر بلال شاهد موجب، سرحد رڳو افغان پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ کولي وئي آهي، جڏهن ته واپار ۽ عام اچ وڃ ايندڙ حڪم تائين بند رهندي.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سوين افغان شهري طورخم اميگريشن سينٽر پهچي چڪا آهن، جتي عملو دستاويزي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته تجارتي سرگرمين ۽ پيادل اچ وڄ جي مڪمل بحالي بابت اڃا تائين ڪو به حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر بلال شاهد جو چوڻ هو ته 11 آڪٽوبر تي پاڪ–افغان تڪرار سبب طورخم سرحد مڪمل طور تي بند ڪئي وئي هئي، بهرحال هاڻي سرحد رڳو نيڪالي لاءِ جزوي طور کولي وئي آهي.
هوڏانهن يو اين ايڇ سي آر جي ترجمان قيصر خان آفريدي موجب، 8 آڪٽوبر تائين مجموعي طور 6 لک 15 هزار غير قانوني افغان شهري طورخم جي رستي وطن واپس موڪليا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ ماڻهن جي واپسي جو سلسلو جاري آهي.
ملڪ مان افغانين جي طورخم سرحد ذريعي نيڪاليءَ جو سلسلو جاري، ڪيترا وطن واپس موٽي ويا؟ انگ اکر جاري
You might also like