اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي گلگت بلتستان 1947ع ۾ جهاد ڪري پاڪستان سان الحاق ڪيو، جڏهن ته والاريل ڪشمير جي آزادي وقت جي ضرورت آهي.
گلگت بلتستان جي ڊوگرا راڄ کان آزاديءَ جي جشن واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته توهان جي بهادري کي تاريخ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، 1947ع ۾ توهان جهاد ڪري پاڪستان سان الحاق ڪيو، 1947ع جي جنگ ۾ توهان جا 1700 جوان شهيد ٿيا.
هن چيو ته گلگت بلتستان کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ملڻ گهرجن، هر ماٿريءَ ۾ اسڪول هئڻ گهرجن، گلگت بلتستان معدنيات سان مالا مال آهي، هي جبل توهان جو ۽ منهنجو سرمايو آهن، هتي سياحت کي هٿي ملي سگهي ٿي، گلگت بلتستان کي پنهنجي ايئرلائين به ملڻ گهرجي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ظلم جي بازار گرم آهي، ڀارت ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي انتها تي پهچي چڪي آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي وقت جي ضرورت آهي، والاريل ڪشمير ڊگهي عرصي کان ڀارتي ظلمن جو شڪار آهي.
هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقيءَ جو مظهر آهي، چين اسان جو دوست ۽ ڀائيوار ملڪ آهي، سي پيڪ فيز ٽو ڪاميابيءَ سان پنهنجا مرحلا طئي ڪري رهيو آهي.
صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته اسان گلگت بلتستان کي ٻين صوبن جيان ترقي يافتا ڏسڻ چاهيون ٿا، گلگت بلتستان ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو.
Prev Post
You might also like