سون اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن يڪدم هزارين رپيا مهانگو ٿيڻ بعد اڄ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 1600 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 22 هزار 562 رپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 16 ڊالر لاٿ بعد 4002 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ 5300 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.