ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ڪراچي ٽريفڪ پوليس حيدرآباد جي شهري کي اي چالان موڪلي ڇڏيو،شهري سيف الله جو چوڻ آهي ته چالان ۾ پرنٽ ٿيل گاڏي جي تصوير ۽ نمبر پليٽ منهنجي گاڏي جي ناهي،مون کي سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 10 هزار رپين جو چالان مليو آهي،هن چيو ته جنهن تاريخ تي چالان ڪيو ويو ان ڏينهن منهنجي گاڏي حيدرآباد ۾ ئي موجود رهي،نه منهنجي گاڏي ڪراچي وئي نه ئي ڪنهن ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي