پيٽ ۽ پاسيريءَ جي انجري، شرياس اَئير جي صحت بابت اهم اپ ڊيٽ جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٽي ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ فيلڊنگ دوران ڪيچ پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ ڪِري زخمي ٿيندڙ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شرياس اَئير کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شرياس اَئير کي پيٽ ۽ پاسيرين جي انجري ۾ بهتري اچڻ بعد اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
شرياس اَئير سڊني ۾ آسٽريليا خلاف ٽين ون ڊي ميچ دوران ڪيچ پڪڙڻ جي ڪوشش دوران زخمي ٿيو، جنهن بعد کيس مقامي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
ڀارتي نائب ڪپتان کي ان کان پوءِ آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته شرياس هوائي سفر لاءِ مڪمل طور فِٽ ٿيڻ تائين سڊني ۾ ئي رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.