جبري گمشدگيون: غير آئيني عمل

اختر چنو

سنڌ ۾ جبري گم شدگين جو سلسلو گهڻي عرصي کان وٺي جاري آهي، ميڊيائي اطلاعن موجب ته تازو ڏاڏو جکراڻي، سرمد ميراڻي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ  غني امان چانڊيو جنهن کي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال مان غائب ڪيو ويو آهي. غائب ڪيل ٽنهي ڪارڪنن جو تعلق به الڳ الڳ تنظيمن سان آهي. سرمد ميراڻي کي ان کان اڳ به 2022ع ۾ سندس اباڻي شهر باڊهه مان پيپر ڏيڻ دوران کنڀيو ويو هو، ڪجهه وقت کان پوءِ کيس ظاهر ڪري جيل موڪليو ويو هو. ڏٺو وڃي ته سڄي ملڪ ۾ سياسي حوالي سان وڏي بيچيني پکڙيل آهي. ڪي پي ڪي، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي صورتحال به ڪا خاص بهتر ناهي. سنڌ ۾ هر آئي ڏينھن حالتون بد کان بدتر ٿينديون پيون وڃن.

بظاهر ته جهموريت آهي پر هتي لاقانونيت جو راڄ آهي. ڇوهين ترميم کانپوءِ عدالتي نظام به تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. عدالتي نظام ايترو ته ڪمزور آهي جو ماڻهو صديون پراڻي جرڳائي نظام کي بهتر سمجهي رهيا آهن. ٿاڻا هر هڪ شهر ۾ پرائيويٽ ماڻهن جي حوالي ٿيل آهن معني ته پوليس جي سڄي ساري اداري کي مڪمل طور تي سياسي ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ گذريل ارڙهن سالن کان وٺي پ پ پ جو اقتدار قائم آهي. ڪو به ادارو سڌو ڪونه آهي. ڪيترائي ڀيرا ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل اداري پاران سنڌ جي پوليس، تعليم، صحت کاتي ۽ روينيو کاتي کي تمام گهڻو ڪرپٽ قرار پئي ڏنو آهي. سنڌ جو ماڻهو ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهي، نه ئي پ پ پ داد رسي پئي ڪري ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت. وفاقي حڪومت وري الٽو سنڌي ماڻهن جي منشا ۽ مرضي جي خلاف گهڻي وقت کان وٺي سنڌ دشمن معني ته تڪراري منصوبن تي عمل پيرا آهي. وري هاڻي ايس آئي ايف سي نالي ادارو جوڙي سنڌ جي زمينن ۽ معدني وسيلن تي به قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي کان وٺي معدني وسيلن تي ڄڻ ته سنڌ جي ماڻهن جو ڪو به حق ڪونهي. وفاقي ادارن ۾ نوڪرين جي ڪوٽا تي عمل نه پيو ٿئي. سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ختم ٿي رهي آهي. پنج هزار سال پراڻي قوم جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نٿو ڏنو وڃي. ملڪ ٺهڻ کان پوءِ جيڪي قانوني ۽ آئيني طرح حق سنڌ مليل هئا انهن کان به محروم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سياسي شعور جي آواز کي ٻڌڻ بجاءِ ان کي طاقت جي زور تي وڏي بيرحمي سان ڪچليو پيو وڃي.

سنڌ جي سياست تي نظر رکڻ وارن ڪجهه ڏاھن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سياسي شعور کي پ پ پ جي رضامندي سان ختم ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ ٻي ڪا به سياسي جماعت پ پ پ جي مدمقابل نٿي ٿي سگهي. معني ته صرف پ پ پ کي ئي پارلياماني سياست ڪرڻ جو حق آهي باقي ان جي سڀني مخالف اميدوارن نتيجا تبديل ڪري کين بري طرح هارايو ويند. جهموريت ۾ هر ڪنهن کي حق آهي ته اهو ڪهڙو به نقطه نظر رکي سگهي ٿو. هن ملڪ ۾ سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ ۽ ختم ڪرڻ وارو سلسلو به پراڻو آهي.سنڌ ۾ وفاق صرف پ پ پ کي ئي جماعت سمجهي ٿو. خاص ڪري بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ مسلسل سنڌ جو اقتدار پ پ پ جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته پ پ پ مخالف جيڪي به ماڻهو آهن نه انهن جو ڪو ووٽ بينڪ آهي ۽ نه ئي وري ڪا سياسي بيهڪ! اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي. پاڳارو خاندان، سائين جي ايم سيد جا پوٽا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ان جي وني، لياقت علي جتوئي، نوشهروفيروز جا جتوئي رئيس غلام مرتصي وارا، لاڙڪاڻي جا عباسي، سائين غوث علي شاهه، ارباب غلام رحيم  وغيره. مٿي بيان ڪيل نالن مان تقريبن ماڻهو ڪيترائي چونڊجي اسيمبلين ۾ پهتا آهن ۽ ڪيترين ئي حڪومتن جو حصو رهيا آهن. سنڌ ۾ هائبرڊ جهموريت پ پ پ جي شڪل ۾ لاڳو ڪري هٿ وٺي حالتون خراب ڪيون پيون وڃن. اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ ۾ پ پ پ کان سواءِ ڪابه جماعت ڪونه آهي. ماڻهن کي بنيادي حق ۽ سهولتون نه ملنديون ته پوءِ ماڻهو احتجاج ڪندا. هر فورم تي احتجاج ٿيندو اهو سنڌ واسين جو بنيادي حق آهي. ڇا ڀلا اسان کي پرامن سياست ڪرڻ جو به حق ناهي ڇا؟؟

جبري گمشدگين جي حوالي سان هيومن رائيٽس ڪميشن، هيومن رائيٽس واچ ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل وارن ڪيترائي ڀيرا رپورٽون جاري ڪيون آهن. هي سوشل ميڊيا جو دور آهي ڪو به لقاءُ ڪنهن کان به ڳجهو نٿو رکي سگهجي. سوشل ميڊيا جي هر هڪ ٽول تي جبري طور غائب ڪيل ماڻهن جي حوالي سان الائي جي ڪيترو مواد پيو آهي. اسان ملڪ ۾ شامل ته 1940ع واري قرارداد تحت ٿيا هئا سين. اسان جي وجود کي اڪيچار خطرا آهن. هٿ وٺي ڌاري آباديءَ کي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪيو ويو آهي. پر امن سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ سان حالتون اڃان به وڌيڪ خراب ٿينديون. سنڌ مان جبري گمشدگين جو سلسلو ختم ڪري کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جو ڪيس عدالت ۾ هلايو وڃي. سنڌ جي سياسي شعور کي بيدرديءَ سان ڪچلڻ بند ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.