لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت 9 مئي جي 11 ڪيسن واري ٽرائل لاءِ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 9 مئي جي واقعن وارن 11 ڪيسن جو ٽرائل هاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن موجب، 9 مئي جي 11 ڪيسن جي ٻڌڻي اڳتي اي ٽي سي عدالت ۾ ٿيندي، وڊيو لنڪ ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ياد رهي ته جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس جي ٻڌڻي 5 نومبر تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿيندي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني کي اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج امجد علي شاهه ڪندو.
					You might also like
		
	
	
					 
			