ڪراچي ۾ ايندڙ ٽي ڏينهن موسم ڪيئن هوندي؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران گرمي پد ۾ معمولي واڌ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي موجب، عربي سمنڊ ۾ موجود ڊپريشن گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر طرف وڌي ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هي سسٽم ڪراچي کان اٽڪل 712 ڪلوميٽر ۽ ڀارتي گجرات کان 330 ڪلوميٽر پري آهي، پاڪستان جي ڪنهن به سامونڊي علائقي کي ان سسٽم مان ڪو خطرو ناهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سسٽم جي ڪمزور ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽي تي هلندڙ تيز هوائن ۾ وڌيڪ گهٽتائي اچي سگهي ٿي جڏهن ته اتر اوڀر کان ايندڙ هوائن جي 10 کان 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي وڌيڪ چيو آهي ته ايندڙ ٽن ڏينهن دوران گرمي پد ۾ معمولي واڌ ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.