ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ 10 سالا دفاعي معاهدي تي صحيحون، تفصيل پڌرا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ 10 سالن تي ٻڌل دفاعي سهڪار جي فريم ورڪ تي صحيحون ٿي ويون آهن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه سان ملاقات بابت آگاهي ڏيندي چيو ته اِهو قدم ٻنهي ملڪن جي دفاعي ڀائيواري ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جيڪا علائقائي سلامتي ۽ ڊيٽرنس لاءِ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي.
پيٽ هيگسيٿ موجب، آمريڪا ۽ ڀارت ”هم خيالي، ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار وڌائيندو ۽ ٻنهي ملڪن جا دفاعي لاڳاپا ڪڏهن به ايترا مضبوط نه رهيا آهن جيترا هاڻي آهن.“
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڀارت آمريڪي فوجي سامان خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ ان معاملي تي ڳالهين جو امڪان آهي.
آمريڪي جنگ واري وزير جمعي ڏينهن ملائيشيا ۾ ٿيندڙ آسيان دفاعي اجلاس ۾ ڀارت ۽ چين جي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون.
پيٽ هيگسيٿ ايڪس تي لکيو ته آمريڪا چين کي واضح ڪيو آهي ته ”اسان پنهنجي مفادن جو سختي سان دفاع ڪنداسين“هن تڪراري ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ تائيوان جي چوڌاري چين جي سرگرمين تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي.
ٻئي پاسي ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه چيو آهي ته آمريڪا سان دفاعي ڀائيواري جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي.
راج ناٿ سنگهه موجب، هي دفاعي فريم ورڪ ظاهر ڪري ٿو ته ٻنهي ملڪن جي حڪمتِ عمليءَ ۾ هم خيالي آهي،
هن وڌيڪ چيو ته ” اسان جي گڏيل لاڳاپن جي سڀ کان وڏي بنياد دفاع رهندو ۽ ان سان انڊو-پيسيفڪ علائقي کي اصولن جي تابع رکيو ويندو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.