” مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ 27 ترميم ڪرڻي پئي ته ترت ڪئي وڃي“ پنجاب اسيمبلي جو وفاق کان مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته بلدياتي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جيڪڏهن 27هين آئيني ترميم ڪرڻي پوي ته اها فوري طور تي ڪئي وڃي.
پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته مقامي حڪومتن واري معاملي تي کليل نموني ڳالهه ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبليون پنجن سالن لاءِ چونڊيون وينديون آهن، جڏهن ماڻهن تائين جمهوريت جا فائدا نه پهچندا ته انهن جو جمهوريت تان اعتماد کڄڻ شروع ٿي ويندو.
پنجاب اسيمبلي ۾ هڪ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ آئيني ترميم ذريعي نئون باب شامل ڪيو وڃي، لازمي قرار ڏنو وڃي ته مقرر مدي اندر چونڊون ڪرائجن ۽ ڪا به سياسي جماعت اهڙو قدم نه کڻي سگهي جنهن سان مقامي حڪومت جي مدو گهٽايو وڃي.
اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڪاڪَس پنجاب اسيمبلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪاڪَس لوڪل حڪومت ۾ 80 ميمبر شامل آهن، جڏهن ته اپوزيشن جا 35 ميمبر هئا.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 140-اي اڻپورو آهي، صوبن کي لازمي طور مقامي حڪومتون قائم ڪرڻ گهرجن، نئين حڪومت ايندي ئي لوڪل گورنمينٽ کي ختم ڪيو ويو، پوءِ قانون ٺاهڻ ۾ ٽي سال لڳي ويا، جتي مان رهندو آهيان، اتي اڄ تائين نيڪال ۽ صفائي جو مسئلو آهي.
هن چيو ته لازمي قرار ڏنو وڃي ته مقرر مدي اندر بلدياتي چونڊون ٿين، پنجاب اسيمبلي آئيني تبديلي نٿي ڪري سگهي، بلدياتي ادارن کي سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيار ڏنا وڃن، جيڪڏهن لوڪل گورنمينٽ لاءِ 27هين ترميم ڪرڻي پوي ته اها فوري ڪئي وڃي.
ملڪ احمد خان چيو ته مون فيض آباد ۽ مري روڊ کي سڙندي ڏٺو، مون کي ڳڻتي هئي ته پاڪستان ۾ لاقانونيت ڇو آهي، مون ڏٺو ته ڪجهه شرپسندن روڊ تي کڏا کوٽيا ۽ پوليس تي سڌا فائر ڪيا، امن امان جو قيام حڪومت جي ذميواري آهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مان مولانا فضل الرحمان کي وڏو سياستدان سمجهان ٿو، مولانا جيڪو چيو اهو سندس راءِ آهي، ملڪ ۾ 27هين آئيني ترميم بابت تمام گهڻي ڳالهه هلي رهي آهي، بي‌اختيار پارليامينٽ کان بهتر آهي ته پارليامينٽ هئي ئي نه ، مقامي حڪومتن کي آئيني تحفظ ملڻ گهرجي، مالي، سياسي ۽ انتظامي خودمختياري لاءِ پارليامينٽ کي گڏيل تجويزون موڪليون ويون آهن، ۽ اميد آهي ته پنجاب اسيمبلي جي انهن تجويزن کي اهميت ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.