پرڏيهي کاتي پاسپورٽ مان” اسرائيل لاءِ استعمال جوڳو ناهي“ واري شق جي خاتمي بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي پاسپورٽ مان ”اسرائيل لاءِ ناقابلِ استعمال“ واري شق ختم ڪرڻ بابت ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا ڪجهه ڏينهن اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستاني پاسپورٽ تان ”اسرائيل لاءِ ناقابل استعمال“ واري شق ختم ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان ڀارتي جي ڪوڙن دعوائن کي وائکو ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت واضح ڪيو آهي ته پاڪستاني پاسپورٽ ۾ اهڙي ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي ۽ پاسپورٽ ۾ ”اسرائيل لاءِ ناقابل استعمال“ واري شق اڳ وانگر برقرار آهي.
ان سلسلي ۾ ڊي جي پاسپورٽس جو چوڻ هو ته قومي پاسپورٽ تي اڃا به اهو لکيل آهي ته هي ”اسرائيل کانسواءِ سڀني ملڪن لاءِ استعمال جوڳو آهي.“
ان کانسواءِ سڌ سماءُ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو اسرائيل بابت موقف مڪمل طور تي واضح ۽ چٽو آهي، پاڪستان نه ڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن قسم جو فوجي سهڪار غور هيٺ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.