اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان طرفان ٽي ٽي پي جي سرپرستي ختم ٿيڻ تائين پاڪستان جا انهن سان لاڳاپا ڪڏهن به معمول تي نٿا اچي سگهن.
نجي ٽي وي چئنل سال ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته افغانستان سان ٿيندڙ ڳالهين بابت گذريل رات هڪ عبوري معاهدو طئي ٿيو آهي، قطر ۽ ترڪي جي ٽياڪڙي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عبوري معاهدي جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڳالهين جو ايندڙ دور 6 نومبر تي ٿيندو، جنهن ۾ معاهدي جو طريقيڪار طئي ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مطالبو اهو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ دراندازي بند ڪئي وڃي، اها دراندازي اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي، مان سڄي افغان حڪومت تي الزام نه ڏيندس، پر ان جي پٺڀرائي ۾ افغان حڪومت جا ڪيئي ماڻهو شامل آهن.
بچاءَ واري وزير موجب، افغانستان طرفان ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن ۽ اسان ان جو جواب به ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته في الحال جنگ بندي برقرار آهي ۽ ان کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، معاهدي جي نگراني ۽ تصديق لاءِ هڪ ميڪينزم طئي ٿيڻ ضروري آهي ته جيئن سڀئي ڌريون ان تي عمل ڪن، خاص طور تي افغان پاسي کان ڪا به ڀڃڪڙي نه ٿئي ۽ سندن سرپرستي ۾ رهندڙ ماڻهو پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪن.
خواجا آصف چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان گڏ رهڻو آهي ته ٽي ٽي پي جي سرپرستي مڪمل طور بند ٿيڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ افغانستان سان لاڳاپا معمول تي نه اچي سگهندا.
هن چيو ته 6 نومبر تي استنبول ۾ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ميڪينزم جي شڪل هوريان هوريان واضح ٿيندي، اسان لاءِ ٽياڪڙي ڪرائيندڙ قطر ۽ ترڪي سان لڳ لاڳاپا عزيز آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته انهن جون ڪوششون ڪامياب ٿين.
خواجا آصف چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته معاهدي جي عملي صورت سامهون اچي، ٿوري اڳڀرائي به ٿي آهي، پر جيستائين دراندازي مڪمل طور بند نه ٿيندي، معاهدي جو ڪو اثر نه ٿيندو، ٿورو گهڻو اميد جو ڪرڻو ٽياڪڙين جي دٻاءَ سبب نظر اچي ٿو، پر جيستائين افغانستان طرفان دراندازي نه روڪبي ۽ ضامن ملڪ ضمانت نه ڏيندا، اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي.
ان کانسواءِ خواجا آصف چيو ته ملڪي سلامتي وارن معاملن تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جا بيان مايوس ڪندڙ آهن، سندس بيان قومي سلامتي جي خلاف آهن، هو هڪ شخص جي هدايتن تي هلڻ چاهين ٿا، پر ”نيازي لا“ تحت حڪومت هاڻي نه هلندي.
وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪنهن شخص جي لاءِ نه پر پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي، جيڪڏهن وڏو وزير چوي ته نيازي لا نه هلندو ته پاڪستان نه هلندو، ته اها حب الوطني نه پر مان سمجهان ٿو پاڪستان دشمني آهي.
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير وفاق جو حصو آهي، کيس قومي معاملن ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن هو نيازي لا تحت هلڻ چاهي ٿو ته ياد رهي ته پاڪستان ڪنهن هڪ فرد جي ملڪيت ناهي، انسان ايندا ويندا رهن ٿا، پر پاڪستان 25 ڪروڙ عوام جي ملڪيت آهي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته انهن ماڻهن جي سوچ نيازي لا جي تابع نه پر وسيع هجڻ گهرجي، اهي هڪ شخص جي چوڌاري پاڪستان جي بقا کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، هو اڻ سڌي ريت دهشتگردي جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان بدران افغانستان جي پوزيشن مضبوط ڪري رهيا آهن.
ٽي ٽي پي جي سرپرستي بند نه ٿي ته افغانستان سان لاڳاپا ڪڏهن به معمول تي نه ايندا: خواجا آصف
					You might also like
		
	
	
					 
			