ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان، سلمان خان کي ”بهترين ڀاءُ“ قرار ڏئي ڇڏيو
شاهه رخ خان پنهنجي 60هين سالگرهه جي موقعي تي مداحن سان سوال جواب جو سيشن رکيو، جنهن ۾ مداحن #AskSRK جو استعمال ڪندي شاهه رخ کان دلچسپ سوال ڪيا.
سيشن دوران وشوجيت پٽيل نالي مداح شاهه رخ کان پڇيو ته سلمان خان لاءِ هڪ لفظ چئو، جنهن جي جواب ۾ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان دبنگ خان کي”بهترين ڀاءُ“ قرار ڏيندي ساڻس محبت جو اظهار ڪيو.
جيڪڏهن بالي ووڊ جي ٻن سپر اسٽارز جي دوستي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اهو سلسلو 1995ع ۾ فلم ”ڪرن ارجن“ کان شروع ٿيو، جنهن کانپوءِ خان برادرز کي ” ڪڇ ڪڇ هوتا هي“۽ ” هم تمهاري هين صنم“ سميت ڪيئي ڪامياب فلمن ۾ گڏ ڏٺو ويو.
ان کانپوءِ 2008ع ۾ ڪترينا ڪييف جي سالگرهه واري پارٽيءَ دوران ٿيل تڪرار کانپوءِ سلمان ۽ شاهه رخ وچ ۾ ويڇا وڌي ويا هئا.
پر ممبئي ۾ ڪانگريس اڳواڻ ۽ ٻنهي جي گڏيل دوست مرحوم بابا صديقي جي افطار پارٽي ۾ ورهين جو رنجشون ختم ٿيون ۽ بالي ووڊ جا ٻه وڏا خان ٻيهر دوست بڻجي ويا.
ويجهڙائيءَ ۾ سلمان خان، شاهه رخ جي پٽ آريان خان جي ڊبيو نيٽ فلڪس سيريز ”دي بڊز آف بالي ووڊ“ مهمان اداڪار طور نظر آيو هو.
 
			