هيزل ووڊ ڀارتي بيٽرن جا تَرا ڪڍي ڇڏيا،ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا جي فتح

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڀارت کي دلچسپ مقابلي بعد چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ڀارتي بيٽنگ لائين آسٽريلوي پيس اٽيڪ آڏو واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ اڀيشيڪ شرما کانسواءِ ڪو به بيٽر گهڻي دير وڪيٽ تي جٽاءُ نه ڪري سگهيو.
اڀيشيڪ شرما 68 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، جڏهن ته هرشت راڻا 33 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته نَوَ بيٽر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا ۽ 19 هين اوور ۾ پوري ٽيم 125 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
جوش هيزل ووڊ شاندار اسپيل هلائيندي چئن اوورن ۾ فقط 13 رنسون ڏئي ٽي وڪيٽون ورتيون، زاويئر بريٽليٽ ۽ نيٿن ايلس ٻه، ٻه جڏهن ته مارڪوس اسٽوئنس جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
آسٽريليا طرفان 126 رنسن جي هدف جي جواب ۾ مچل مارش ۽ ٽرويس هيڊ شروع کان جارحاڻو رويو اختيار ڪيو ۽ ڀارتي بالرن خلاف ميدان جي چئني پاسي اسٽروڪ کيڏيا.
آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 51 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪِري، جڏهن ميچ جي پنجين اوور ۾ ٽرويس هيڊ 28 رنسون ٺاهي ورون چڪرورتي جو شڪار بڻيو.
ڪپتان مچل مارش 46 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، سندس اننگز ۾ چار چڪا ۽ ٻه چوڪا شامل هئا.
ان کانسواءِ جوش اينگلس 20 رنسون ٺاهيون، ٽِم ڊيوڊ 1، مچل اووَن 14 ۽ ميٿيو شارٽ کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيا، نيٿل ايلس ٻُڙي ۽ مارڪوس اسٽوئنس 6 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي آسٽريليا کي فتح ڏياري.
ڀارت طرفان جسپريت بمرا، ڪُلديپ يادَو ۽ ورون چڪرورتي ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
شاندار بالنگ تي جوش هيزل ووڊ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته ڀارت 17 سالن کانپوءِ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪائي ميچ هارائي آهي.
پنجن ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا کي ڀارت خلاف 0-1 جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي، پهرين ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.