آڪاش انصاري ڪيس: لطيف آڪاش جو بيان رڪارڊ

حيدرآباد(رپورٽر) نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد لطيف آڪاش عدالت ۾ پاڻ کي بي ڏوهي هجڻ وارو بيان رڪارڊ ڪرايو  آهي. ڪالهه آڪاش انصاري قتل جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  تصور علي راجپوت جي عدالت ٿي، جنهن ۾ قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدار کي پيش ڪيو ويو، جنهن پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. جوابدار ٻڌڻي دوران قتل جو ڏوھ قبولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو بيڏوهي آهي، آڪاش انصاري جي ملڪيت کي ڦٻائڻ لاءِ کيس رستي تان هٽائڻ لاءِ کيس ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.