اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف صنعتن ۽ آبادگارن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو. صنعتي ۽ زرعي شعبن جي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري جي هڪ وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهباز شريف صنعتن ۽ آبادگارن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو. شهباز شريف چيو ته ايندڙ 3 سالن تائين صنعتي ۽ زرعي شعبن کي سڄي سال 22.98 رپيا في يونٽ جي حساب سان واڌو بجلي فراهم ڪئي ويندي. صنعتن ۽ هارين کي نومبر 2025 کان آڪٽوبر 2028 تائين رعايتي قيمت تي واڌو بجلي ملندي. هن چيو ته صنعتي شعبي کي فراهم ڪيل يونٽن جي قيمت 34 رپيا ۽ زرعي شعبي کي 38 رپيا گهٽائي واڌو يونٽ فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته روشن معيشت بجلي پيڪيج تحت فراهم ڪيل بجلي جو بار گهريلو واهپيدار يا ڪو ٻيو شعبو نه کڻندو.