نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتو ٽِين ميچ هارائڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
آچر ڏينهن آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ ڀارت کي 4 رنسن تان شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ ڀارتي وومينز ٽيم لاءِ ٽاپ فور( سيمي فائنل) مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ وارو عمل ڏکيو بڻجي ويو آهي.
ڀارتي وومينز ٽيم کي ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ فيورٽ قرار ڏنو پئي ويو، پر آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ پوءِ انگلينڊ هٿان لڳاتار شڪستن بعد هاڻي ٽاپ 4 ۾ پهچڻ جو امڪان به گهٽجي ويا آهن.
ڀارتي وومينز ٽيم لاءِ نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش خلاف ميچون ” مرو يا ماريو“ واري صورت اختيار ڪري چڪيون آهن.
مسلسل ٽن ناڪامين کانپوءِ ڀارتي وومينز ٽيم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي وومينز ڪرڪيٽرز کي مرد ڪرڪيٽرز جي برابر ميچ فيس ملڻ تي به تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جيئن ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ شُڀمَن گِل مان ميچ کٽرائڻ ۽ سينچري جي اميد رکي ويندي آهي، تيئن وومينز ڪرڪيٽرز کي به اميدن تي پورو لهڻ گهرجي.
ياد رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 2022ع ۾ مئنز ۽ وومينز ڪرڪيٽرز لاءِ هڪ جيتري ميچ فيس جو اعلان ڪيو هو، جنهن موجب پليئرز کي ٽيسٽ جا 15 لک، ون ڊي ۾ 6 لک ۽ ٽي ٽوئنٽي لاءِ 3 لک رپيا ڏنا وڃن ٿا.
You might also like