اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت ۾ سينارٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني اهم ريمارڪس ڏنا.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته سڀني ادارن جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، جنهن اداري ۾ سينارٽي ڊسٽرب ٿي اتي مسئلا پيدا ٿيا، ڪنهن کي پنهنجي پسند جو شخص آڻڻو آهي ته ڪنهن کي پنهنجو مائٽ مٿي آڻڻو آهي.
هن چيو ته ڊپارٽمينٽ جو ڪم پنهنجي غلطين کي درست ڪرڻ آهي، غلطي جي ڪا سزا ناهي هوندي پر بدنيتي جي سزا هوندي آهي.
You might also like