قومي بيٽر شوال ذوالفقار جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ٽيم جي بيٽر شوال ذوالفقار جي پيءُ ذوالفقار احمد لاڏاڻو ڪري ويو.
ذريعن موجب، شوال ذوالفقار جو پيءُ ڪجهه عرصي کان بيمار هو، جيڪو اڄ وفات ڪري ويو.
قومي بيٽر جي پيءُ سيالڪوٽ ويجهو اعلائقي علائقي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، جڏهن ته مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتح خواني به ڪئي وئي.
ساٿي پليئرز، ڪوچنگ ۽ مئنيجمينٽ اسٽاف طرفان شوال ذوالفقار سان سندس پيءُ جي لاڏاڻي تي افسوس ڪندي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.