”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

انتاناريويو (ويب ڊيسڪ) اوڀر آفريقي ملڪ مڊغاسڪر ۾ نوجوانن جي قيادت ۾ ٿيندڙ بغاوت جي نتيجي ۾ صدر اينڊري راجويلينا ملڪ ڇڏي فرانسيسي جهاز ذريعي فرار ٿي ويو.
اها دنيا ۾ ڪجهه هفتن اندر ”جنريشن زي“ جي احتجاج سان ڪندڙ ٻي حڪومت آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مخالف ڌر اڳواڻ سيتني رانڊريانا سولونائيڪو ٻڌايو ته صدر ڇنڇر جي رات ملڪ ڇڏي ويو، جڏهن فوج جي ڪيترن ئي يونٽن احتجاج ڪندڙن جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو.
هڪ فوجي ذريعي تصديق ڪئي ته صدر راجويلينا فرانسيسي فوجي جهاز ۾ سوار ٿي روانو ٿيو.
مڊغاسڪر ۾ 25 سيپٽمبر تي پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ خلاف شروع ٿيندڙ احتجاج جلد ئي عوامي بغاوت ۾ تبديل ٿي ويو.
احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل 16 سالن ۾ حڪمران امير ۽ عوام غريب ٿيندو ويو، خاص طور تي نوجوان نسل معنيٰ ”جنريشن زي“ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي.
فوج جو هڪ اهم يونٽ ڪيپسيٽ حڪومت جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي احتجاج ۾ شامل ٿي ويو، پوءِ سينيٽ صدر کي برطرف ڪندي زان آندري ندرمنجاري کي عبوري صدر مقرر ڪري ڇڏيو.
گڏيل قومن موجب گذريل ٽن هفتن دوران احتجاج ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 ڄڻا مارجي چڪا آهن.
واضح رهي ته مڊغاسڪر جي آبادي جو اڌ حصو 20 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته وڏي پيماني تي عوام غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گهاري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.