” خدا توهان کي سلامت رکي“ شهباز شريف، ” منهنجي پسنديدا فيلڊ مارشل کي سلام ڏيجانءِ“ ٽرمپ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ”مان پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان، مون کي اِهو چوڻو آهي ته منهنجو پسنديده پاڪستان جو فيلڊ مارشل، هو اڄ هتي موجود ناهي، پر وزيراعظم شهباز شريف هتي آهي.“
مٿيان لفظ چوڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ پوئتي مڙي وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن ڏٺو (جيڪو اسٽيج تي ٽرمپ جي بنهه پٺيان هو) ۽ چيو ته ”توهان کيس (عاصم منير) کي منهنجا سلام ڏيجو .“
ان کانپوءِ صدر ٽرمپ پنهنجي تقرير روڪيندي شهباز شريف کي پوڊيم (مائيڪ) تي اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ” ڇا توهان اها ڳالهه چوڻ چاهيندئو جيڪا توهان مون سان اُن ڏينهن ڪئي هئي؟ ۽ ڇا توهان ٻڌائڻ چاهيندئو ته هن ڇا چيو هو؟ منهنجو خيال آهي اها ڏاڍي خوبصورت ڳالهه هئي.“
پوءِ شهباز شريف ڊونلڊ ٽرمپ جي خواهش تي غزا امن سربراهي اجلاس بابت تقريب کي خطاب ڪيو.
شهباز شريف ڊونلڊ ٽرمپ جي خواهش تي غزا امن معاهدي کان ويندي پاڪستان-ڀارت جنگ روڪرائڻ ۾ صدر ٽرمپ جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”جناب صدر! مان توهان جي مثالي قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿو، مون کي پڪ آهي ته توهان اهڙي شخصيت آهيو جنهن جي دنيا کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي “
شهباز شريف صدر ٽرمپ ۽ اتي موجود ٻين ملڪن جي سربراهن کي مخاطب ڪندي چيو ته” مان اهو چوندس ته اڄوڪو ڏينهن جديد تاريخ جي عظيم ترين ڏينهن منجهان هڪ آهي، ڇو ته اڄ اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ امن حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي قيادت صدر ٽرمپ ڪئي، جيڪو واقعي هڪ امن پسند شخص آهي، هن گذريل مهينن دوران ڏينهن رات محنت ڪئي ته جيئن دنيا کي امن ۽ خوشحالي جو آکيرو بڻائي سگهجي.“
هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي طرفان صدر ٽرمپ کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪندي چيو ته ”پاڪستان صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو هو، سندس غير معمولي خدمتن جي ڪري پهريان ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ ختم ٿي ۽ پوءِ فائر بندي ممڪن ٿي.“
وزيراعظم چيو ته ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر مان هن عظيم صدر کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇو ته مان دل سان سمجهان ٿو ته هو امن لاءِ سڀ کان مخلص ۽ بهترين اميدوار آهن، هن نه رڳو ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا ۾ امن آندو پر لکين جانيون بچايون ۽ اڄ غزا ۾ امن حاصل ڪيو، جيڪو وچ اوڀر۾ به لکين زندگيون بچائڻ جي برابر آهي.
شهباز شريف چيو ته ”جناب صدر! مان توهان جي مثالي قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿو، توهان جي رهنمائي کي سلام پيش ڪريان ٿو، مون کي پڪ آهي ته توهان اهڙي شخصيت آهيو جنهن جي دنيا کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي. “
هن چيو ته دنيا هميشه هڪ اهڙي شخص طور توهان کي ياد رکندي جنهن سڀ ڪجهه ڪيو، تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن ست، ۽ اڄ اَٺ، جنگون روڪي سگهجن.“
وزيراعطم اِهو به چيو ته ”بس ايترو چوڻ ڪافي آهي ته جيڪڏهن هي صاحب (صدر ٽرمپ) ۽ سندس جاکوڙي ٽيم مداخلت نه ڪري ها ته ڀارت ۽ پاڪستان، جيڪي ٻئي ايٽمي طاقتون آهن، جي وچ ۾ جنگ چار ڏينهن ۾ اهڙي سطح تي پهچي وڃي ها جو ڪو به اِهو ٻڌائڻ لاءِ جيئرو نه بچي ها ته ڇا ٿيو؟ “
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ”مان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس ته خدا توهان کي سلامت رکي، خدا توهان کي وڏي ڄمار عطا ڪري ته جيئن توهان اهڙيءَ ريت انسانيت جي خدمت ڪندا رهو“

”وائو، مون کي اها اميد نه هئي، اچو هاڻي گهر هلون: ٽرمپ
ظاهري طور شهباز شريف جي واتان اِها واکاڻ ٻڌي آمريڪي صدر ٻهڪي پيو ۽ چيو ته ” وائو، مون کي اها اميد نه هئي “ ۽ پوءِ مرڪندي چيائين ته ”اچو، هاڻي گهر هلون، مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو، سڀني کي الوداع.“
آمريڪي صدر شهباز شريف طرفان پنهنجي تعريف ٻڌي چيو ته ”سچ پچ هن ڏاڍو سُٺو ڳالهايو ۽ ان خوبصورتي سان بيان ڪيو، وائو، وڏي، وڏي مهرباني.“
ان کان پوءِ هن ڀارت ۽ وزيراعظم نريندر مودي جو به ذڪر ڪندي چيو ته ”ڀارت هڪ عظيم ملڪ آهي جتي منهنجو ڏاڍو سٺو دوست ملڪ جي قيادت ڪري رهيو آهي ۽ هن شاندار ڪم ڪيو آهي. “
”مون کي لڳي ٿو ته پاڪستان ۽ ڀارت هاڻي سٺن لاڳاپن سان گڏ رهندا“
ائين چئي هن مُرڪندي شهباز شريف ڏانهن ڏٺو ۽ کائنس پڇيو ته ”ائين ئي آهي نه؟“ جنهن تي شهباز شريف به مرڪڻ لڳو.

سوشل ميڊيا تي ردعمل
ٻنهي جي تقريرن جون ويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي پاڪستاني ۽ ڀارتي واهپيدارن طرفان ردعمل ظاهر ڪيو ويو
رزاق نالي واهپيدار لکيو ته ”وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف شرم الشيخ مصر جي سڄي ڪانفرنس پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏي، ڪانفرنس ۾ برطانيا، اٽلي، ڪئناڊا ۽ فرانس سميت سڀ مسلم ملڪن جا سربراهه موجود هئا، اتي آمريڪا جي صدر ٽرمپ رڳو هڪ ماڻهوءَ کان تقرير ڪرائي ۽ اهو اسان جو وزيراعظم شهباز شريف هو. “
پروفيسر اشوڪ سوئين ايڪس تي وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير جو ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته ”شهباز شريف مودي لاءِ ٽرمپ جي نظر ۾ بهتر مقام حاصل ڪرڻ ڏکيو بڻائي رهيو آهي.“
اسد نالي صارف ايڪس تي لکيو ته ”ٽرمپ رڳو ٻه ٽي ڀيرا شهباز شريف سان مليو آهي، پر هاڻي شايد اهو سوچيندو هوندو ته ڪاش هي همراهه منهنجي چونڊ مهم ۾ مون سان گڏ هجي ها ته مون کي ’ايلون مسڪ‘ تي ڀاڙڻو نه پوي ها.“
ڪجهه ماڻهو وزيراعظم پاڪستان طرفان آمريڪي صدر جي ايتري تعريف تي ناخوش نظر آيا.
هڪ صارف غالب جو شعر لکيو ته
’سیکھے ہیں مہ رخوں کے لیے ہم مصوّری
تقریب کچھ تو بہر ملاقات چاہیے۔۔۔
۽ پوءِ لکيائين ته”شهباز شريف به ٽرمپ جي خوشامد جا هڙئي ڳُن سکي ورتا آهن، شڪر آهي جو جوش ۾ اچي شهباز شريف ناروي نوبيل ڪميٽي آڏو ڌرڻي جو اعلان نه ڪيو!“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.