افغانستان سان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ دهشتگردي وڌڻ جو خطرو آهي، سياسي حل ڪڍڻ گهرجي: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته افغانستان سان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ دهشتگردي وڌڻ جو خطرو آهي، معاملي جو سياسي حل ڪڍڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر، سينيٽر علي ظفر ۽ بيرسٽر سيف پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ ٻڌايو ته عمران خان چيو پي ٽي آءِ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي، فوج به منهنجي آهي، شهيد به اسان جا آهن، عام ماڻهن جو رت نه وهڻ گهرجي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سياسي حل ڪڍڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب عمران خان مريدڪي واقعي جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان واقعي تي احتجاج ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.