عليما خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 احتجاج جي حوالي سان صادق آباد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ عليما خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
جج امجد علي شاهه، عليما خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي کيس گرفتار ڪري سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ عدالتي معاملن ۾ رنڊڪ وجهڻ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.