لاهور(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ زبردست بالنگ ڪندڙ پاڪستاني اسپنر نعمان علي اهم اعزاز ماڻي ڪري ورتو.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ لاهور ۾ جاري آهي، جتي پاڪستان پهرين اننگز ۾ 378 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهنته مهمان ٽيم 269 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستاني اسپنر نعمان علي اڱاري تي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن هن قذافي اسٽيڊيم ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف اڳوڻي پاڪستاني اسپنر اقبال قاسم جو 37 سال پراڻو ٽيسٽ رڪارڊ ٽوڙي پنهنجو نالو رڪارڊ بُڪ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.
39 ورهين جي نعمان علي پروٽيز جي پهرين اننگز ۾ 6 بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو، هن پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ نائون ڀيرو هڪ اننگز ۾ 5 يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون ورتيون آهن.
ان کانسواءِ هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيرا 5 وڪيٽن حاصل ڪندڙ پاڪستاني کاٻڙيل اسپنر هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته 1988ع ۾ پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ اڳوڻي اسپنر اقبال قاسم شاندار ڪيريئر ۾ 8 ڀيرا هڪ اننگز ۾ 5 وڪيٽون وٺڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو.
ياد رهي ته پاڪستاني ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ 167 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ مهمان ٽيم کي 277 رنسن جو هدف مليو، ڏکڻ آفريڪا ٽئين ڏينهن جو راند پڄاڻي تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 51 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
You might also like