پاڪستان ۽ ترڪ سرڪاري ڪمپنين جو سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا جو معاهدو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترڪي جون سرڪاري ڪمپنيون گڏجي پاڪستاني سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا ڪنديون ۽ ان حوالي سان فارم آئوٽ ايگريمينٽ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۽ ترڪش پيٽروليم اوورسيز ڪمپني وچ ۾ ٿيو.
پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ شيئر هولڊرز کي خط ذريعي اهم اڳڀرائي کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي پي ايل، ترڪش پيٽروليم ڪمپني آف شور ايسٽ انڊس سي بلاڪ جي آپريٽرشپ وڪرو ڪري ڇڏي آهي.
خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي تحت انڊس سي بلاڪ ۾ ترڪش پيٽروليم کي 25 سيڪڙو حصو ڏنو ويو آهي، پاڪ – ترڪيه اسٽريٽجڪ آف شور معاهدي لاءِ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ڀرپور سهڪار ڪيو.
پي پي ايل چيو ته ان معاهدي سان پاڪستان جي توانائي شعبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري وڌندي، انڊس سي بلاڪ ۾ ماڙي انرجيز ۽ او جي ڊي سي ايل جو به 20-20 سيڪڙو حصو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.