گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو (رپورٽ: آزاد مهر/ خالد وسير/علي وسير ) ميرپورماٿيلو ۾ وڌيڪ هڪ صحافي کي معصوم ٻارڙن آڏو هٿياربندن گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، هانءُ ڦاٽڻ سبب سندس معصوم ڀائٽي پڻ فوت ٿي وئي، ڳوٺ کان پنهنجا معصوم ٻارڙا کڻي اسڪول ڇڏڻ لاءِ ويندڙ صحافي طفيل حيدراڻي کي هٿياربندن ٻارڙن آڏو موٽرسائيڪل تان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، گهوٽڪي ضلعو صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويو، ميرپورماٿيلي ۾ وڌيڪ هڪ صحافي کي هٿياربندن گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، ڳوٺ پير بخش حيدراڻي کان موٽرسائيڪل تي پنهنجا ٻارڙا اسڪول ڇڏڻ لاءِ کڻي ايندڙ صحافي طفيل حيدراڻي کي رستي ۾ جروار لنڪ روڊ نوري پمپ وٽ هٿياربندن موٽرسائيڪل تان لاهي معصوم ٻارڙن آڏو بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، قتل واقعي جو منظر اکين سان ڏسندي دانهون ڪندي صحافي جي معصوم ڀائٽي رينا بيهوش ٿي وئي جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي معصوم ٻارڙي پڻ دم ڌڻي حوالي ڪيو، واقعي بعد مقتول صحافي جا وارث ۽ صحافي توڙي شهري اسپتال پهتا، پوليس پهچي مقتول صحافي طفيل حيدراڻي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته فوتي نينگري جو لاش پڻ وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي خلاف گهوٽڪي ضلعي جي قلم ڌڻين اسد پتافي، لطيف وسير، عامر چنه، ميهر مهر، علي وسير، مسرت مهر، طاهر عباس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، صحافين چيو ته گهوٽڪي ضلعو صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويو آهي جتي قاتل رهزن ديده دليري سان صحافين کي قتل ڪري واقعن برادري تڪرار سميت مختلف رنگ ڏين ٿا، صحافين چتاءُ ڏنو ته صحافي طفيل حيدراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو، هوڏانهن گهوٽڪي پوليس پريس رليز جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته برادري تڪرار تان هٿياربندن صحافي طفيل کي قتل ڪيو آهي ان باوجود واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪريون پيا 2 جوابدارن عرفان ۽ امام دين حيدراڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، هوڏانهن مقتول صحافي طفيل حيدراڻي ۽ سندس معصوم ڀائٽي جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ پيربخش حيدراڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ صحافين سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد مڙھ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، صحافي طفيل حيدراڻي جي قتل واقعي خلاف ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو قلم ڌڻين ڌرڻو هنيو، ايس ايس پي گهوٽڪي ڌرڻي ۾ پهچي صحافي برادري کي صحافي طفيل جي قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي،ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ڌرڻي ۾ پهچي صحافين کي خاطري ڪرائي ته وزير اعليٰ سنڌ ۽ گهرو وزير پڻ واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ قاتلن جي گرفتاري جون هدايتون ڏنيون آهن ايس ايس پي چيو ته صحافي طفيل حيدراڻي وارن سان برادري تڪرار هلندڙ هو ان باوجود واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، صحافي طفيل حيدراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو هن چيو ته صحافي ۽ سندس معصوم ڀائٽي جي وفات تي انتهائي ڏک ٿيو، واقعي جي جاچ ڪري ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
-
صحافي طفيل حيدراڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ضلعو صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻيل، نصرالله گڏاڻي ۽ بچل گهنڃو کان پوءِ صحافي طفيل حيدراڻي کي قتل ڪيو ويو، پوليس صحافين جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ان کان صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ محمد بچل گهنڃو کي پڻ هٿياربندن قتل ڪيو هو انهن صحافين جا قاتل به پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي جنهن بعد اڄ صحافي طفيل حيدراڻي کي برادري تڪرار جو رنگ ڏئي معصوم ٻچڙن سامهون شهيد ڪيو ويو، ميرپور ماٿيلو ۾ هٿياربندن جي هٿان بيدرديءَ سان قتل ٿيل نوجوان صحافي طفيل رند جي خون سان انصاف لاءِ صحافي برادري ۽ شهرين پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب جي صحافين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،احتجاج ۾ ذوالفقار خاصخيلي، اڪرم چانڊيو، تاج رند، منظور سومرو، شوڪت شاهه لڪياري، غلام نبي شاهه، رمضان ڀٽي، طالب رند، سمير شاهاڻي، سرور خاصخيلي، شعبان خاصخيلي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،صحافي طفيل رند جي بي رحماڻي قتل خلاف نوشهرو فيروز جي صحافين يونس راجپر، ايم ظفر تڳر، قاضي ذولفقار غلام شبير اڄڻ آفتاب ڪيريو، مختيار سهتو، عتيق الرحمان وسطڙو، بشير وسطڙو، اقبال راڄپر، عادل عباسي، مجيد ڪيريو، اختر حسين چانڊيو، خالد چانڊيو، اسد عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته سکر يونين آف جرنلسٽس پاران ميرپورماٿيلو جي سينيئر صحافي طفيل رند جي بيدردي سان قتل ٿيڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ، ميمبر ايف اي سي نصرالله وسير، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو ۽ جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي سميت مجلسِ عامله جي سڀني ميمبرن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميرپورماٿيلو ۾ سينيئر صحافي طفيل رند جو قتل انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت عمل آهي۔بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قانوني انجام تائين پهچايو وڃي، صحافي برادري جو چوڻ آهي ته صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، صحافين لاءِ سنڌ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿو ڪجي ته صحافي جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي فوري تور گرفتار ڪري صحافين جي وارثن کي تحفظ ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جڏهن ته ميرپور ماٿيلي، گهوٽڪي، سکر، حيات پتافي، جروار ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ صحافي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
-
طفيل کي خليل، حفيظ ۽ ٻين قتل ڪيو آهي، وارثن جو الزام
ميرپورماٿيلو : صحافي طفيل حيدراڻي جي وارثن چيو آهي ته اسان جي نوجوان کي خليل، حفيظ حيدراڻي ۽ ٻين حملو ڪري قتل ڪيو آهي، مقتول صحافي طفيل حيدراڻي جي سوٽ ربنواز حيدراڻي ۽ ٻين وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن ان کان اڳ به اسان جي هڪ نوجوان نادر حيدراڻي کي قتل ڪيو هو ان ڪيس ۾ اڄ حاضري هئي ته رستي ۾ هٿياربندن صحافي طفيل حيدراڻي کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ۽ اسان جي هڪ معصوم ٻارڙي رينا عرف چاندني به شهيد ٿي وئي هنن چيو ته اسان سان ناحق ظلم ڪيو ويو آهي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي
-
پٽ جي قتل جو پلاند ورتو آهي: قاتل جو اعترافي وڊيو بيان وائرل
ميرپورماٿيلو : ميرپورماٿيلو ۾ صحافي طفيل حيدراڻي جي قتل بعد قاتل پنهنجي اعتراف واري ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي جوابدار جو چوڻ آهي ته صحافي طفيل ۽ سندس ڀاء جميل منهنجي پٽ کي قتل ڪيو هو اڄ ان جي پلاند ۾ مان طفيل کي قتل ڪيو آهي قاتل جي اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي.
-
صحافي طفيل ۽ رينا جا مڙهه حيات پتافي ويجهو مٽيءَ ماءُ حوالي
حيات پتافي: شھيد صحافي طفيل حيدراڻي ۽ سندس ڀائٽي ريما عرف چاندني حيدراڻي جي جنازي نماز حيات پتافي ويجھو ڳوٺ پير بخش حيدراڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ گھوٽڪي ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن صحافين سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي جڏھن ته جنازي نماز بعد شھيد جي مڙھ کي ھزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول صحافي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي..
-
صحافين تي حملا دراصل اظهار جي آزادي تي حملي جي برابر آهن:ارسلان اسلام شيخ
سکر : سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ سينئر صحافي طفيل حيدراڻي رند جي قتل واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان کي انتهائي مذمت جوڳو قرار ڏنو.۽ پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته صحافين تي حملا دراصل اظهار جي آزادي تي حملي جي برابر آهن، جن کي ڪنهن به حالت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي، صحافي سماج جي ضمير جون اکيون ۽ آواز آهن، ۽ انهن تي حملا سماجي سچائي کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي. ميئر سکر مقتول صحافي طفيل حيدراڻي رند جي خاندان سان پنهنجي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو انهن سان انهن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو فوري طور تي نوٽيس ورتو آهي ۽ آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ته جيئن ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
-
ٻن سالن ۾ چار صحافين جو قتل اظهار جي آزادي کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي: جماعت اسلامي
ڪراچي:جماعت اسلامي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا گهوٽڪي ضلعي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ماٿيلو ۾ صحافي ۽ ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري طفيل رند جي وحشياڻي قتل جي سخت مذمت ڪئي ۽ واقعي جي جاچ، صحافين جي تحفظ ۽ خاندانن لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو. هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته سنڌ صوبو صحافين لاءِ قتل گاهه بڻجي رهيو آهي. صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس معمول بڻجي رهيا آهن، سکر ڊويزن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ چار صحافين جو قتل صحافت سان دشمني ۽ اظهار جي آزادي کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي. هي صورتحال ملڪ جي بدنامي آهي، سنڌ ۾ مراد علي شاهه حڪومت صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۽ قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، صوبائي اڳواڻ سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.