وياج شرح ۾ گهٽتائي ٻوڏ جي نقصانن ۽ آءِ ايم ايف جائزي سان مشروط

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ گورنر جميل احمد وياج جي شرح ۾ گهٽتائي کي ٻوڏ جي نقصانن ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي سان مشروط ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا سان گفتگو ڪندي اسٽيٽ بينڪ گورنر چيو ته مجموعي طور تي مهانگائي مرڪزي بينڪ جي هدف ۾ رهندي، مهانگائي جي شرح گهٽ مدي ۾ 5 کان 7 سيڪڙو هدف کان وڌيڪ رهي سگهي ٿي. هن چيو ته سخت مانيٽري پاليسي مهانگائي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهڙي ئي سخت مانيٽري پاليسي اڳتي به فائديمند ثابت ٿيندي پر وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو فيصلو ٻوڏ جي نقصانن جي ڪاٿي ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي تي ٿو ڀاڙي. سندس چوڻ هو ته مانيٽري ۽ اقتصادي پاليسين ۾ هم آهنگي سٺا نتيجا ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.