سکر (رپورٽ: آزاد مهر) سکر ۾ دبر ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالحفيظ چاچڙ ۽ ساڻس گڏ خانگي ماڻهن جي مبينا تشدد سبب شهري محمد عمر ناپر فوت ٿي ويو. فوتي جي وارثن ۽ ناپر برادري ايس ايڇ او کي ڪٽڪو ڏئي ڊي ايس پي سٽي بدرالدين ڀٽو جي حوالي ڪيو. پوليس طرفان چيو ويو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي. گذريل رات سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ محمد عمر ناپر جي مبينا قتل خلاف سندس وارثن ۽ ناپر برادري نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو. جي يو آءِ اڳواڻ محمد صالح انڍڙ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي دوران ٽن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رهي، ٻنهي طرفن کان ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ مسافر پريشان رهيا. ڌرڻي ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير عنايت ٻرڙو ۽ علائقي جا سوين ماڻهو شريڪ ٿيا. ايس ايس پي سکر واقعي جي جاچ لاءِ عبيد الرحمان ڌاريجو کي ذميواري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته کيس واقعي جي مڪمل ڄاڻ ناهي، ڪيس اڃا داخل ناهي ٿيو.
فوتي کي گرفتاري ڪوشش دوران دل جو دورو پيو: پوليس
سکر: ٻئي طرف دبر ٿاڻي جي وڏي منشي زاهد عباسي چيو ته واقعي جي پٺيان ناپر ڀائرن ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو آهي. فوتي جي سڳي ڀاءُ دبر ٿاڻي تي جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو هو، ايس ايڇ او عبدالحفيظ چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ٿرمل ويجهو جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس مطابق گرفتاري دوران محمد عمر ناپر کي دل جو دورو پيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو، جڏهن ته فوتي جي وارثن جو الزام آهي ته پوليس تشدد ڪري قتل ڪيو. پوليس موجب، زخمي اهلڪارن ۽ ايس ايڇ او کي خانگي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ جو حڪم ايس ايس پي سکر ڏنو آهي.