جنگ نه ترقي جو سوچڻو پوندو، سڄو اوڀر چين سان گڏجي ڪم ڪندو: صدر زرداري

بيجنگ/اسلام آباد (م ڊ/بيورو) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جنگين جو نه معاشي ترقي جو سوچڻو پوندو، پرامن گڏيل بقا تي يقين رکون ٿا، ترقي جو حق سڀني جو آهي، چين سان پاڪستان جو واسطو هاڻي خلا تائين پهچي چڪو آهي، زرعي شعبي ۾ چين جي تجربن مان فائدو وٺنداسين. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ (سي جي ٽي اين) کي انٽرويو ڏيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته چين جي معيشت مضبوط ٿي آهي، عوام خوشحال ۽ مطمئن آهي، چين جو مستقبل شاندار آهي، سمورو اوڀر ساڻس گڏجي ڪم ڪندو، سڀني کي هڪ ٻئي جي خودمختياري جو احترام ڪرڻو پوندو، پاڪستان هر طرح جي حالتن ۾ چين سان بيٺل آهي. هن چيو ته چين هاڻي تبديل ٿي چڪو آهي، 14 سال اڳ جڏهن آيو هيس ته چين مختلف هو، 16 کان 17 ڀيرا چين جو دورو ڪري چڪو آهيان، هر ڀيري پنهنجائپ ملي ٿي، پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ چين سان گڏ آهي. صدر چيو ته زرعي شعبي ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻو آهي ته جيئن پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهون، پاڻي جي بچت ۽ اثرائتي استعمال لاءِ آبپاشي جي جديد طريقن کي اختيار ڪرڻو پوندو، پاڻي جي انتظام، آفتن جي رنڊ روڪ ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ وقت جي گهرج آهي. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن. آصف علي زرداري چيو ته اسان جو جاگرافيائي مقام گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن جي لحاظ کان اهم آهي، ۽ اسان کي ايندڙ نسلن کي قائل ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجن وسيلن کي بهتر استعمال ڪندي پاڻ ڀرا ٿي سگهون. هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ پاڪستان لوهي ڀائر آهن، جن جو مستقبل هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. چين ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ محنت ذريعي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي. صدر چيو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جو اهم منصوبو آهي، پاڪستان جون بندرگاهون چين جي ويجهن بندرگاهن مان آهن، ۽ سي پيڪ جي ڪاميابي پوري خطي جي ترقي ۽ لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي. هن چيو ته چين کي شمسي ۽ هوائي توانائي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو وسيع تجربو آهي، چين جي سهڪار سان پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن تي به ڪم ٿي رهيو آهي، ۽ هو ريلوي شعبي ۾ چيني ٽيڪنالاجي مان به فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.