نوشھرو فيروز (ڊ ر) اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي بلاول زرداري قتل ڪيس ضياءَ الحق لنجار جي ھائوس ساڙڻ سميت ستن ڪيسن جي تاريخ اي ٽي سي ڪورٽ نوشھرو فيروز ۾ رکيل ھئي اي ٽي سي ڪورٽ جو جج بدلي ھئڻ ڪري ٻڌڻي 15آڪٽومبر تائين ملتوي ڪئي وئي، ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته ھن ڪرپٽ حڪومت جا ڏينهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آ ھن، هنن سنڌ کي کائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جا ماڻھو بي يارو مدد گار آهن، اچو ته گڏجي ھنن ملڪ دشمن ڪرپٽ پي پي ٽولي مان جان ڇڏايون، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به وقت نيپال ۽ بنگلاديش جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جيسيتائين عوام سجاڳ نه ٿيندو تيسيتائين سنڌ کي برباد ڪري ڪرپشن جا رڪاڊ ٽوڙي ھرجائز ڪم جا به آفيسر پئسا ٿا وٺن، صحافي امتياز مير جي قتل تي هن چيو ته جيڪو صحافي حق سچ لکي ٿو ان کي ماريو وڃي سنڌ ۾ ڪوبه ماڻھو محفوظ نه آھي سموري سنڌ گڏ ٿي ھن ڪرپٽ ٽولي مان جان ڇڏائڻي پوندي.