ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضٰ وهاب چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي کي ٺيڪ نه ٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري وفاق کي گهرجي ته شهر لاءِ 20 ارب نه پر 200 ارب روپيا ڏين، اسان پاڻ شهر کي ٺيڪ ڪنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪهڙي طرح مينڊيٽ مليل آهي ۽ پارليامينٽ ۾ ڪي ماڻهو صرف سياسي خيرات جي اهل آهن، پر جيڪڏهن اهي به ڪم ڪرڻ چاهين ته دروازا کليل آهن، هن وڌيڪ چيو ته اهو ممڪن ناهي ته اسلام آباد جو ڪو آفيسر هجي ۽ هو ڪراچي ۾ ڪم ڪري، شهر جو ڪم هتي جي ماڻهن ۽ آفيسرن هٿن ۾ هجڻ گهرجي، وفاقي حڪومت جي طرفان ٺيڪيدار طرفان 2 ڪروڙ جو هرجانو آيو آهي، جڏهن ته انهن 9 سالن ۾ روڊ نه ٺاهيو، ڪراچي وارن کي سزا ڏني وئي آهي، بي آر ٽي گرين لائن وارن کان وقت گھريو آهي ته ڪڏهن منصوبو مڪمل ٿيندو، ميئر چيو ته ڪو به 19 يا 20 هين گريڊ جو آفيسر ٻڌائي نه سگهي ته ٺيڪيدار کي نوٽيس ڪڏھن ملندو، ڇا شهر ٺيڪيدار جو آهي يا شهري ماڻهن جو؟ ڇا مان رات جو اوهان جي گهر وڃڻ ۽ خدمتون بند ڪري سگهان ٿو؟