پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون،اين ايف سي ۾ صوبن جي ڪوٽا گهٽائڻ جي تجويز غور هيٺ؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)  پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي وچ ۾ قرض پروگرام جي جائزي بابت ڳالهيون جاري آھن، جنهن ۾ توانائي وزارت، ناڻي وزارت، فيڊرل بورڊ آف ريونيو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني۔ ذريعن مطابق ڳالهين ۾ سرڪلر ڊيٽ، بجلي جي شعبي جون سڌارا، ٽيڪس هدف، ۽ صوبن جا مالي حصا سميت ڪيترائي اھم معاملا زير بحث آيا۔ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سرڪلر ڊيٽ ۽ ڪيپٽو پاور پلانٽس کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍڻ تي پيش رفت ٿي رھي آھي۔ پاڪستان جي معاشي ٽيم اعتراف ڪيو ته ٽيڪس هدف حاصل نه ٿيڻ جي وڏي سبب ٻوڏ مان پيدا ٿيل معاشي مشڪلاتون آھن۔ ان تي ايف بي آر آءِ ايم ايف کان ٽيڪس وصولين جي هدفن ۾ رعايت ڏيڻ جي درخواست ڪئي۔عالمي فنڊ ايف بي آر تي زور ڏنو ته عدالتن ۾ زير التواءَ ٽيڪس ڪيسز جلد اڪلايا وڃن ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ 200 ارب رپين جي رڪوري ممڪن ٿي سگھي۔ ايف بي آر جو چوڻ آھي ته سپر ٽيڪس بابت ڪيس ڪليئر ٿيڻ جي صورت ۾ ٻه سئو ارب رپين تائين وصوليون ٿي سگھن ٿيون۔ وڌيڪ اھو به ٻڌايو ويو ته ريونيو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ ھڪ نئون انفورسمنٽ پلان تيار ڪيو ويو آھي جنھن تحت 200 ارب رپين جا اضافي قدم کڻڻا پوندا۔ پاڪستان عالمي فنڊ کي آگاه ڪيو ته ٻوڏ سبب ٽيڪس خساري جو ابتدائي ڪاٿو 60 ارب رپيا آھي۔ذريعن مطابق ڳالهين ۾ نئين اين ايف سي ايوارڊ تي به ڳالھ ٻولھ ٿي جنھن ۾ صوبن کي آباديءَ جي بنياد تي وصولين جي ڪوٽا 82 سيڪڙو کان گھٽ ڪرڻ جي تجويز زير غور آئي۔ آءِ ايم ايف واضح ڪيو ته هلندڙ مالي سال سرڪلر ڊيٽ ۾ ڪنھن قسم جو اضافو برداشت نه ڪيو ويندو۔ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 2025 ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جا نقصان 265 ارب رپيا تائين پھچي ويا آھن آءِ ايم ايف بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي نااهلي ۽ ناقص ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته 20 سيڪڙو لائين لاسز بدانتظامي ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر جي نشاندھي ڪن ٿا۔وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته ڊسڪوز نيپرا کان 455 ارب رپين جي ريوينيو جي درخواست به ڪري ڇڏي آھي، جڏھن⁠ ته  پاور شعبي کي ڏنل سبسڊي جو انگ 1200 ارب رپين تائين پھچي ويو آھي۔ حڪومت بئنڪن جي مدد سان 1.2 کرب رپين جو فنانسنگ پيڪيج حاصل ڪيو آھي ته جيئن فوري مالي دٻاءُ کي گھٽائي سگھجي۔ پر ان جو بار عوام تي پوندو ڇو⁠ ته  ايندڙ پنجن سالن تائين بجلي صارفين کي ٽي رپيا في يونٽ ڊيٽ سرچارج ادا ڪرڻو پوندو۔ آءِ ايم ايف پاور شعبي ۾ جاري سڌارن جي سست رفتاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن بروقت ۽ پُختا قدم نه کنيا ويا ته ھر سال 600 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ختم ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.