40 سالن کان پوءِ بنا نوٽيس ڊگري رد ڪرڻ جو عمل شفافيت تي سوال

ڪراچي/اسلام آباد (مطيع الله جان/ثاقب بشير چوڌري) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مبينا جعلي قانوني ڊگري جو معاملو وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو آهي، ڪراچي يونيورسٽي سندَ رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. عدالتي حڪم باوجود، آئين موجب ڪنهن به جج کي هٽائڻ رڳو سپريم جڊيشل ڪائونسل جي وس ۾ آهي، تنهن ڪري ڊگري رد ٿيڻ باوجود جسٽس جهانگيري کي جج جي عهدي تان هٽائي نٿو سگهجي. ان حوالي سان 29 تاريخ تي سندس اپيلن جي ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جڊيشل ڪائونسل اڃا تائين غيرفعال آهي. معاملي جو پسمنظر هڪ سال اڳ شروع ٿيو، جڏهن ڪراچي يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ اجلاس ۾ ڊگري کي شڪي قرار ڏنو ويو. ان اجلاس بابت پروفيسر ڊاڪٽر رياض هڪ سال اڳ انڪشاف ڪيو هو ته کيس اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ پوليس کڻي وئي، ۽ سندس غيرموجودگيءَ ۾ فيصلا منظور ڪرايا ويا. هن ٻڌايو ته ان فيصلي ۾ وائيس چانسلر پاڻ به دٻاءَ جو اعتراف ڪيو هو. ڊاڪٽر رياض موجب 1990ع واري امتحان ۾ جهانگيري کي مبينا طور ان فيئر مينز يعني نقل جي الزام ۾ 3 سال لاءِ نااهل ڪيو ويو هو، پر هن هڪ سال بعد وري امتحان ڏنو، جنهن تي سوال اٿيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان وقت يونيورسٽي جي ان فيئر مينز ڪاميٽي جا فيصلا عام طور تي نرم ڪيا ويندا هئا، پر جهانگيري جي ڪيس ۾ تفصيل لڪايو ويو. يونيورسٽيءَ جو 40 سالن پوءِ بنا نوٽيس ڊگري رد ڪرڻ جو عمل غيرشفاف لڳي ٿو. ساڳئي وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رويو به تنقيد هيٺ آهي، جتي جج صاحب کي ڌر بڻجڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو. رپورٽر شاهد حسين موجب، ڪراچي يونيورسٽي جي وڪيل عدالت ۾ جهانگيري کي اڻ ڄاڻ سڏيو جنهن تي وڏي حيرت جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.