ڪراچي (ارباب چانڊيو) سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو امڪان هو پر سخت اختلافن سبب وڏو طوفان في الحال رڪجي ويو آهي. ڪجهه وڌيڪ تبديليون ٿيڻيون هيون، ڪجهه وزير وڃڻا هئا، ڪجهه نالا شامل ٿيڻا هئا. اهم شخصيت کي ان کان پاسو ڪرڻ جو چيو ويو پر لڳي ٿو ته اهم شخصيت ان کان پاسو نه ڪندي ۽ ڪجهه مهينن ۾ ٻيهر تبديليون ٿي سگهن ٿيون.
آصف علي زرداري سياست مان نظرانداز ڪيو ويو آهي: فواد چوڌري
اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري الزام لڳايو آهي ته پيپلز پارٽي کي هاڻوڪي سياست مان مڪمل طور سائڊ لائين ڪيو ويو آهي ۽ صدر آصف علي زرداري هاڻي بي اثر نظر اچي ٿو. فواد چوڌري موجب صدر زرداري کي هاڻي نه ته اهم فيصلا ٻڌايا وڃن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن معاملي تي بريفنگ ڏيڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته هي صورتحال پيپلز پارٽي لاءِ غير معمولي زوال آهي، ڇو ته جيڪا جماعت ماضي ۾ ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي، اها اڄ پنهنجي سياسي حيثيت وڃائي چڪي آهي.
اسماعيل راهو سنڌ ڪابينا ۾ شامل، ناصر شاهه، سعيد غني جا کاتا تبديل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي ڳئي وئي، وزيرن ۽ صلاحڪارن جا قلمدان تبديل يا نوان کاتا ڏنا ويا جن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا. سعيد غني کان مڪاني کاتن جو قلمدان واپس وٺي کيسليبر اينڊ سوشل پروٽيڪشن جو وزير مقرر ڪيو ويو. ناصر حسين شاهه کي مڪاني کاتن جو قلمدان ڏنو ويو، سيد ناصر حسين شاهه توانائي وارو وزير به رهندو. محنت واري وزير شاهد ٿهيم کي هٽائي صحت وارو وزير مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ڄام خان شوري تي وڌيڪ بار وجهندي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ جو کاتو به سندس حوالي ڪيو ويو. مخدوم محبوب کان امداد جو کاتو واپس وٺي کيس خوراڪ کاتي جو وزير بڻايو ويو جڏهن ته صلاحڪار جبار خان کان خوراڪ جو قلمدان واپس وٺي کيس امداد بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. خاص مددگار علي راشد کي آءِ ٽي کاتي جو قلمدان ملي ويو. اسماعيل راهو کي صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو ۽ کيس يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي ذميواري ڏني وئي. شام سندر آڏواڻي کي به خاص مددگار مقرر ڪيو ويو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي، سنڌ جي نون وزيرن وزارت جو حلف کنيو. گورنر ڪامران ٽيسوري اسماعيل راهو کان حلف ورتو جڏهن ته حلف برداري جي تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، اپوزيشن ليڊر، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري گيانچند ايسراڻي کي وڏي وزير جو صلاحڪار بڻائڻ جو اعلان ڪيو.
پيپلز پارٽي نيب جي فائلن کان نه ٿي ڊڄي: سعيد غني
ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي مڪاني ۽ هاڻ پورهئي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ عمارتن جي تعمير جا معيار ڪجهه آهن ۽ ٻين صوبن ۾ ڪجهه ٻيا آهن. جيڪڏهن نيسلا ٽاور يا پَويلين اينڊ جي تعمير غلط هئي ته پوءِ ان کي ڊاهڻ جو جواز ڪهڙو هو؟ غيرقانوني عمارتون ٺاهڻ سنگين ڏوهه آهي، پر مون کي نٿو خبر ته ججن جي ذهن ۾ ڪيئن اچي ٿو ته اربين رپينجي عمارت کي ڊاهي ڇڏجي. سعيد غني چيو ته آباد پاران ڪامياب ايڪسپو ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي. هن اهڙا خيال آباد جي مرڪزي آفيس ۾ فرنيچر ميٽيريل ايڪسپو جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ظاهر ڪيا. ان موقعي تي آباد چيئرمين حسن بخشي، وائيس چيئرمين ۽ ٻيا عملدار به ساڻس گڏ هئا.. سعيد غني آباد جي چيئرمين کي خاطب ڪندي چيو ته ايس بي سي اي جي قانون بابت جيڪي ملاقاتون ٿي رهيون هيون، اهي ايندڙ وزير بلديات سيد ناصر شاهه جي اڳواڻي ۾ جاري رهنديون ۽ مان به حصو وٺندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خبر ناهي ڪجھ ججن وٽ ڪامن سينس ڇو ناهي. عدالتن کي غلط ڪم روڪڻ جو اختيار آهي، پر نيسلہ ٽاور جهڙا فيصلا تعميراتي شعبي لاءِ شديد نقصانڪار آهن. هڪ ٻئي سوال تي سعيد غني چيو ته نيب جي فائلن کان پيپلزپارٽي نٿي ڊڄي. اڳ به اسان جي اڳواڻن خلاف سوين فائلون ٺاهيون ويون، جيڪي آخر ۾ غلط ثابت ٿيون. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي تنقيد بابت سوال تي سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي پاران بي آءِ ايس پي ذريعي امداد ڏيڻ جو چوڻ ڪا غلط ڳالهه ناهي. وزيراعليٰ پنجاب ڀلي متاثرن کي هڪ ڪروڙ ڏئي، پر ان جي بنياد بي آءِ ايس پي ذريعي رکڻ سان آساني ٿيندي .