لانڍي ۾ نينگر سان بدفعلي ۽ قتل جو جوابدارن پاران اعتراف

ڪراچي (رپورٽر) لانڍي ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل 7 سالن جي سعد ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سهيل ۽ اسد عدالت ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. عدالت ٻنهي کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي. جاچ آفيسر ٻڌايو ته 18 سيپٽمبر تي ٻار کي اغوا ڪري ٻن ڪلاڪن اندر زيادتي بعد قتل ڪيو ويو، جڏهن ته 3 ڏينهن اڳ سندس لاش لانڍي 36 بي جي ڪچرا ڪنڊي مان مليو هو. سعد جي گهر وارن گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي، جنهن بعد پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.