اسلام آباد (م ڊ) عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان خطي جو سڀ کان غريب ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي گذريل ٽن سالن دوران غربت ۾ خطري جهڙي واڌ ٿي آهي. رپورٽ موجب ملڪ جي 45 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي سراسري شرح 27.7 سيڪڙو، ڀارت ۾ 23.9 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ 24.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 16.5 سيڪڙو آبادي يعني لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ 12 لک ماڻهو روزانو 900 رپين کان به گهٽ آمدني تي گذارو ڪن ٿا. عالمي بئنڪ خبردار ڪيو آهي ته آبادي تي ضابطو آڻڻ کان سواءِ غربت تي ضابطو ممڪن نه هوندو، ملڪ ۾ آبادي جي سالياني واڌ 2.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ هڪ عورت سراسري 4 ٻار ڄڻي ٿي، جيڪا خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. صوبن جي سطح تي بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي جتي غربت جي شرح 42 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي، خيبرپختونخوا ۾ اها شرح 30 سيڪڙو، سنڌ ۾ 25 سيڪڙو کان گهٽ ۽ پنجاب ۾ 15 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته موسمياتي تبديليون به خطرو بڻيل آهن، جيڪي 2050 تائين پاڪستان جي جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو متاثر ڪري سگهن ٿيون. گذريل سال 2024 دوران 7 لک 27 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني روزگار جي ڳولا ۾ ملڪ ڇڏي ويا. رپورٽ ۾ تعليم جي بحران تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ٻڌايو ويو ته پاڪستاني ٻار خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ بنيادي مهارتن ۾ پوئتي آهن ۽ سادي لکت پڙهت ۾ به ناڪام آهن. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن غربت، بيروزگاري ۽ تعليم جي کوٽ جهڙا مسئلا فوري طور حل نه ڪيا ويا ته پاڪستان کي مستقبل ۾ سنگين معاشي ۽ سماجي بحرانن کي منهن ڏيڻو پوندو.