مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي ۾ پ پ ڊويزنل صدر ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي جي پي اي سراج سومرو جي زيادتين خلاف سوشل ميڊيا تي لکندڙ ڳوٺ گوڌيار واسي جي يو آءِ جي ڪارڪن مولوي اسماعيل سومرو کي پوليس بنا ڪنھن ڪيس جي گرفتار ڪري ورتو آھي،ذريعن موجب اسماعيل سومرو نالي همراه سوشل ميڊيا تي پ پ ايم اين اي مهيش ملاڻي ۽ ان جي پي اي سراج سومرو جي زيادتين خلاف آواز اٿاريو جنهن بعد کيس مٺي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو آهي،گرفتار مولوي اسماعيل سومرو جي ڀاءُ گل محمد جو چوڻ آهي ته منھنجي ڀاءُ کي ايس ايڇ او مٺي قادر بخش بهراڻي گرفتار ڪري ٿاڻي ويهاري ويٺو آهي،جڏهن ته باقي پوليس موبائيلون اسان جي ڳوٺ آيون آهن جيڪي اسانکي ھراسان ڪري رهيون آهن،اسانجو ڏوھ ڪوئي ناھي،ھوڏانھن رابطي تي جو يو آء ضلعي امير مولانا عزيز الله ساند ٻڌايو ته اسان جي ڪارڪن اسماعيل سومرو کي مٺي پوليس گرفتار ڪيو آھي،اسان ھن وقت سراج سومرو وٽ ويٺا آھيون حقيقتون معلوم ڪري رھيا آھيون ڪوشش ڪيون ٿا ته معاملي کي حل ڪجي،ٻئ پاسي بار بار رابطي جي باوجود ايم اين اي جي پي اي سراج سومرو فون اٽينڊ نه ڪيو،واضع رھي ته ٿر ۾ اھڙي طريقي سان شروع ٿيل انتقامي ڪاروائي تي سخت تنقيد ٿي رھي آھي،