غربت بابت رپورٽ ڳڻتي جوڳي،ايئن نه ٿئي جو رياست عوامي جٿن جي رحم ڪرم تي اچي وڃي:سعد رفيق

لاهور(بيورو)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ٽوئيٽر تي بيان ۾ چيو آهي ته ورلڊ بئنڪ جي شايع ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 25.03 سيڪڙو يعني لڳ ڀڳ ڇهه ڪروڙ ماڻهو خطِِ غربت کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.ڪورونا وبا، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ، سياسي عدم استحڪام ۽ دهشتگردي هن جي بنيادي سببن طور بيان ڪيا ويا آهن.خطِِ غربت کان مٿي هجڻ باوجود ڏينهن ۽ رات جا اخراجات پوريون نه ٿا ڪري سگهندڙ ڪروڙين پاڪستانين کي هن انگ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي،هن چيو ته تازي ٻوڏ جي تباهين کي ڳڻپ ۾ آندو وڃي ته وڌيڪ لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان  هيٺ اچي چڪا هوندا، جڏهن ته وچولي ۽ اپر مڊل ڪلاس جي تعداد گهٽجي رهي آهي. دولت جو ارتڪاز انتهائي امير گهراڻن يا طبقن تائين محدود آهي، هي هڪ انتهائي تشويشناڪ صورتحال آهي.هن چيو ته گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ خوفناڪ ٻوڏ ۽ زلزلا هاڻي معمول بڻجڻ لڳا آهن، دهشتگردي خلاف خوني جنگ هزارين زندگين ۽ اربين ڊالر جي نقصان کان پوءِ ٻيهر شروع ڪرڻي پئي آهي. سياسي عدم استحڪام ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، پر غربت ۾ گهٽتائي، معاشي سڌاري، روزگار ۾ اضافي، امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جون سياسي قوتون ۽ رياستي ادارا پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن،هن چيو ته .ورلڊ بئنڪ جي هن رپورٽ تي حڪومت يا اپوزيشن مان ڪو سنجيده تبصرو نه ڪيو ويو آهي.تمام غريب ماڻهن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ BISP جهڙا پروگرام موجود آهن، پر اهي شفافيت کان محروم آهن. ماڻهن کي پنهنجن قدمن تي بيهارڻ لاءِ ڊگهي مدي وارا عملي ميگا منصوبا تيار نه ڪري سگهيا ويا،هن چيو ته حڪومت جو سڀ کان وڏو مسئلو غير ملڪي قرضن جي ادائيگي جو شيڊول آهي؛ موجوده معاشي حجم هن جو بار ڪنهن قدر به کنيو نه ٿي سگهي،هن چيو ته ڏور رس معاشي پاليسيون ٺاهڻ لاءِ ماهرن کي آزاد نه ڪيو ويو آهي ۽ هن سنگين مسئلي تي ڪنهن سياسي اتفاقِ راءِ جو قيام به ممڪن نه ٿيو آهي.ميثاقِ معيشت جي اهم ترين تجويز کي مذاق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ويو. 18هين ترميم کان پوءِ صوبن کي ملندڙ وسيلا منصفاڻي انداز سان ضلعي سطح تي منتقل نه ڪيا ويا،وفاقي انداز سان مطالبن جي باوجود پي ايف سي جو قيام عمل ۾ نه آيو،هن چيو ته پارليامينٽ ۽ لاڳاپيل ادارن يا ٽيڪنوڪريٽس بدران وفاق يا صوبن جا اهم معاشي فيصلا چند ماڻهن جي خواهشن جي تابع رکيا وڃڻ انتهائي نقصانڪار عمل آهي، ۽ هي عمل هتي ننڍن وقفن سان ڏهاڪن کان جاري آهي،هن چيو ته تبديلي ۽ اصلاح جي نالي تي قيادتون بدلجن ٿيون يا بدلائيون وڃن ٿيون، پر پاڪستانين کي لڳندڙ غربت، بيروزگاري، اڻ سُڀائي، بدامني، ذلت ۽ حق تلفي جي عروج جو ڪو علاج پيش نه ٿيو آهي.اٺن ڏهاڪن ۾ ووٽ سان يا بغير ووٽ جي، عام ماڻهو جي حالت بهتر ناهي ٿي ، ماڻهو هاڻي ٽئين رستي جي تلاش ۾ آهن.ان کان اڳ جو ڪو شهر، علائقو يا عوامي جم غفيري ٽئين رستي تي هلي ۽ رياست عوامي جٿن جي رحم و ڪرم تي اچي وڃي، ملڪ جا پاليسي ميڪر صورتحال جي سنگيني کي محسوس ڪري گڏ ويهي حل ڳولڻا پونداهن چيو ته .دور انديشي، وسيع دل، تدبر، شفافيت ۽ سياسي هم آهنگي کان سواءِ غربت، ناانصافي، حق تلفي ۽ بدامني خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ممڪن ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.