اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران ودهولڊنگ ٽئڪس غير شرعي چوڻ جو فيصلو واپس

  اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل ود هولڊنگ ٽيڪس کي غير شرعي قرار ڏيڻ جو فيصلو واپس وٺي  ڇڏيو آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ود هولڊنگ ٽيڪس جي معاملي تي ايندڙ اجلاس ۾ ٻيهر غور ڪيو ويندو. ود هولڊنگ ٽيڪس جو معاملو اجلاس جو آخري ايجنڊا آئيٽم هو ۽ اجلاس دوران جڏهن ماني لڳي ته ڪيترائي ميمبر هليا ويا.علامه راغب نعيمي چيو ته ڪائونسل جا ڪيترائي ميمبر ود هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف هئا، پر نوٽ وٺندڙ عملي سمجهيو ته ود هولڊنگ ٽيڪس کي غير شرعي قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي پڌرائي  ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس کي غير شرعي قرار ڏنو ويو هو. پڌرائي موجب، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چوڻ هو ته ود هولڊنگ ٽيڪس غير شرعي آهي ۽ زيادتي جي برابر آهي.  اجلاس ۾ ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي 11 سيپٽمبر تي فيصلي تي به خدشن جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ نڪاح کانپوءِ رخصتي کان اڳ طلاق جي صورت ۾ خرچ جي ادائيگي لازمي قرار ڏني وئي هئي، ڪائونسل موجب اهو فيصلو قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي. انساني کير ذخيرو ڪندڙ ادارن جي قيام جي حوالي سان ڪائونسل چيو ته مخصوص شرطن تحت اهي ادارا قائم ڪري سگهجن ٿا پر ان کان اڳ لازمي قانون سازي عمل ۾ ڪائونسل کي شامل ڪيو وڃي. ديت جي قانون ۾ ترميم  لاءِ پيش ڪيل بل سان اتفاق نٿا ڪيون، بل ۾ چاندي کي ختم ڪرڻ ۽ سون جي غير شرعي مقدار کي معيار بڻايو ويو آهي. ڪائونسل شگر جي مريضن لاءِ حلال جزن جا تيار ڪيل انسولين جي استعمال جي اجازت ڏني پر خنزير جي جزن تي ٻڌل انسولين کان پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.