جسٽس(ر) شاهِد جميل تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج شاهِد جميل تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل ٿي ويو آهي۔ ان موقعي تي مصطفى نواز کوکر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ عدليه جي آزادي ختم ڪئي وئي آهي، جسٽس شاهِد جميل چيو ته هو ڪنهن عهدي جو خواهشمند ناهي، پر قانون جي بالادستي لاءِ جدوجهد جاري رکندو۔ جيڪڏهن ججن کي رٽ ذريعي ڪڍڻ جو رواج وڌيو ته عدليه جي آزادي ختم ٿي ويندي،بي شمار ملڪن ۾ جمهوريت ناهي پوءِ به قانون جي حڪمراني هوندي آهي،محمود خان اچڪزئي اعلان ڪيو آهي ته هو پُرامن احتجاج ذريعي وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت کي گهر موڪلينداسين۔ پاڪستان ۾ هاڻي ميرٽ موجود ناهي، نوڪريون وڪجي رهيون آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.